ايوان خالي ڇڏڻ حڪومت جي مفاد ۾هوندو:خورشيد شاهه

اسلام آباد (م ڊ) ايوان خالي ڇڏڻ حڪومت جي مفاد ۾ هوندو، گڏيل اجلاس ۾ حڪومت پنهنجي لاءِ قانون سازي ڪئي آهي، اهڙو اظهار پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ اپوزيشن ۽ اتحادين کي فون ڪال ڪري اجلاس ۾ گهرايو ويو، اسان جا ڪيترائي ميمبر غير حاضر هئا، هن چيو ته جيڪڏهن فيصلا ٻاهر ٿيندا ته ايوان هلي نه سگهندو، ڪنهن به صورت غير جهموري عمل جو حصو ڪو نه ٿينداسين، ٿيڻ ته اهو گهرجي ته ٻئي هڪڙو موقف رکن، گڏيل اجلاس ۾ اسپيڪر جو ڪردار مايوس ڪندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.