ميرپورخاص ۾نوجوان کي بيهوش ڪري ڦر

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٺڳن جو ٽولو سرگرم، ٺڳن جي ٽولي جو هڪ وڌيڪ شڪار، نوجوان کي بيهوش ڪري هزارين روپيا کڻي ويا، پوليس ٺڳن جي ٽولي اڳيان بيوس بڻيل. تفصيل موجب ميرپورخاص لڳ انب موري جي رهواسي نوجوان راجيش پٽ تيجو کي ٺڳن جي ٽولي ميرپورخاص بس ٽرمينل تي ڌوڪي سان نشي وارو پاڻي پياري بيهوش ڪرڻ بعد سندس کيسي مان هزارين روپيا روڪ ۽ موبائيل فون ڪڍي نوجوان کي بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. بس ٽرمينل تي بيهوشي جي حالت ۾ نوجوان جي موجود هجڻ جي اطلاع تي حد جي پراڻي ميرپور پوليس نوجوان کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص داخل ڪرايو ويو. واضع رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ به ٺڳن جي تولي ڌوڪي سان دڪاندار کان ساڍا چار لک روپيا کڻي فرار ٿي ويا هئا جنهن کي پوليس هن وقت تائين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سڃاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سرگرم ٺڳن جي ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي سندن شڪار ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.