ڊگهڙي ويجهو ڪوچ جي ٽڪر ۾موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت

ڊگهڙي(ن ع آ )ڊگهڙي ڀرسان ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت،خبر موجب ڊگهڙي ڀرسان گهونگٽ شادي هال وٽ راجا ٽائون ڊگهڙي جي رهواسي موٽرسائيڪل سوار محمد شفيق ولد محمد اسماعيل آرائين  ڪوچ جي ٽڪر سبب سخت  موٽرسائيڪل تان روڊ تي ڪريل زخمي ٿي پيو،زخمي شخص کي روڊ تي ڪريل حالت ۾ ڏسي آس پاس جا دڪاندار ۽ شھري کيس تعلقي اسپتال ڊگھڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديقڪئي، ڊاڪٽرن موجب زخمي شخص اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي گهر کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،ڊگهڙي پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڪوچ جو ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويو،فوتي شخص شھر ڀرسان زرعي زمين تان واپس گهر اچي رهيو هو ته ڪوچ جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.