لاڙڪاڻي پوليس تعليم کاتي جي ڪلارڪ کي گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بقاپور جي رهواسي ٻارڙن پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهر ڪيو. ان موقعي تي نينگر سرفراز ابڙو پنهنجي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن سرمد ابڙو، سمير، سيف الله، سونهن ۽ دلڪش ابڙو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو پيءُ محمد رفيق ابڙو تعليم کاتي ۾ هيڊڪلارڪ ۽ باقراڻي هاءِ اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي پر اسان جي تعليم جي حوالي سان بابا ٽي مهينا اڳ لاڙڪاڻي مان لڏي ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ 12 ڏينهن اڳ اسان جو پيءُ بدلي ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻي اچي شهر جي شاهي بازار ۾ پنهنجي هڪ دوست سان ملڻ ويو جتي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کيس بيگناهه گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو جتي اسان ساڻس ملاقات به ڪئي، جاچ ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته شعيب کرل نالي شخص کيس ڏيتي ليتي جي معاملي تان گرفتار ڪرايو آهي، جنهن کي ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل جي پٺڀرائي حاصل آهي. هن چيو ته اسان جي پيءُ کي مارڪيٽ پوليس هڪ ڏينهن ٿاڻي تي لاڪپ ۾ رکڻ کان پوءِ گم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي مارڪيٽ پوليس چئي رهي آهي ته توهان جي پيءُ کي بقاپور ٿاڻي تي موڪليو آهي 7  ڀائر ۽ ڀينر آهيون، پيءُ جي پوليس هٿان کنڀجڻ کان پوءِ پنهنجي امڙ ۽ وڏي ڀيڻ سميت سمورا گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پيءُ کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.