کهڙا ۾ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءُ جي مهم تيز

کهڙا (ن ع آ ) کهڙا ۾ ارڙي.روبيلا کان بچاء جي مهم تيز. ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري. ٽيم بوائيز هائيرسيڪنڊري اسڪول پهچي شاگردن کي ويڪسين لڳائي. استادن شاگردن کي ڄاڻ فراهم ڪئي. کهڙا ۾ ارڙي ۽ روبيلا کان بچاء جي قومي مهم تحت ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ وارو عمل تيزي سان جاري آھي ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ واري ٽيم ڊاڪٽر نيڪ محمد ميمڻ. نظام الدين اڄڻ. انور وساڻ. غلام فاطم. اسماء خاتون. سلمي’ خاتون. مس ارم. صابراه. مس شبانه پروين ۽ ٻين کهڙا جي گورنمينٽ بوائيز هائيرسيڪنڊري اسڪول پهچي ڇهين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن اسڪول جي  313 ٻارن کي بچاء جي ويڪسين لڳائي جڏھن ته ويڪسين لڳائڻ واري ٽيم سان گڏجي اسڪول جي استادن پرنسپال ميڊم شبانه ڀٽي. استاد دائم علي سهتي. استاد ڪليم الله خلجي پڻ اسڪول جي شاگردن کي ارڙي ۽ روبيلا جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته ارڙي ۽ روبيلا کان بچاء جي ويڪسين لڳائي وڃي جڏھن ته شھر ۾ اھڙي جاڳرتا آگاهي مهم پڻ ھلائي پئي وڃي انهي حوالي سان استاد دائم علي سهتي جو چوڻ ھو ته ارڙي هڪ خطرناڪ بيماري آھي والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن کي بچاء جي ويڪسين هڻائين جڏھن ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول ون جي شاگردن  عبدالڪريم شر. طاهراه شر سميت اسڪول جي ٻين شاگردن کي پڻ ويڪسين لڳائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.