سلطان ڪوٽ ويجهو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾2 ڄڻا زخمي

سلطان ڪوٽ (ن ع آ ) ھمايون شريف ۾ شڪارپور جڪب آباد قومي شاھراھ روڊ  پريس ڪلب جي سامھون ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ميرپور ٻرڙو واسي ساماڻو ٻرڙو, نھال الدين جکراڻي سميت 2ڄڻا سخت زخمي  ھمايون شريف پوليس زخمين  کي ليٽر ڏئي سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ڪار ۽ ڪار جي ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو قومي شاھراھ روڊ کي غير قانوني لائين وارن هوٽل  ڪٽ هڻڻ سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل ، ڪٽن سبب روڊ حادثن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون آهن لائين جي هوٽل وارن خلاف هاء ويز وارن ڪا قانوني ڪاروائي عمل ۾ ناهي اندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.