ميرپورخاص: منشيات ڪيس ۾نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او جي ضمانت منظور

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) هاءِ پروفائيل منشيات ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او جي ھاءِ ڪورٽ بئنچ حيدرآباد مان 50 ھزارن جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور، اڄ آزاد ٿيڻ جا امڪان، تفصيل موجب 8 مھينا اڳ اينٽي نارڪوٽيڪس فورس پاران ان وقت جي ايس ايڇ او ميرواه گورچاڻي ڪنور سنگھ جي ميرپورخاص واري بنگلي تي ڇاپو ھڻي پوڻان 2 ارب روپين جي منشيات ھٿي ڪري مٿس 9 سي نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ نامزد اڳواڻي انسپيڪٽر جي ميرپورخاص جي عدالت پاران ضمانت رد ٿيڻ بعدجوابدار ڪنور سنگھ جي وڪيل حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جي ڪورٽ ۾ گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي جيڪا عدالت 50 ھزارن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي ويئي آهي، جنھن جي اڄ رھائي جا امڪان آھن. جڏھن ته جوابدار تي داخل ڪيل  غيرقانوني ھٿيار ۽ اينٽي مني لانڊرنگ وارن ٻن ڪيسن مان جوابدار جو اڳ ئي ضمانتون منظور ٿي چڪيون آهن.

  • ڳڙهي ياسين ويجهو نوجوان موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾زخمي

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ)گذريل رات دير سان ڳڙهي ياسين ڀرسان نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار پاران نوجوان کي ٽڪر ، زخمي حالت ۾ فٽو ڪري فرار ، وارثن کي  اطلاع ، وارثن پاران زخمي ٿيل نوجوان کي کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال نيو پيو وڃي ته نوجوان رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ، وارثن جو احتجاج ، نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ مطالبو ، خبر موجب گذريل رات دير سان نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار پاران نوجوان خان محمد عرف ڪمانڊو ککراڻي کي ٽڪر هنيو جنهن بعد رستي ويندڙ کيس وارثن کي اطلاع ڪيو ، وارثن پاران زخمي نوجوان کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال نيو پيو وڃي ته هو رستي تي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ، لاڙڪاڻو اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ، هوڏانهن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو وارث عورتن کي بيهوشئ جا دورا پوندا رهيا ، ٻئي طرف فوت ٿي ويل جي پئ غلام محمد ککراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان شهر کان ڳوٺ اچي رهيو هو ته تيز موٽرسائيڪل سوار کيس ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو ، جنهن کي اسين لاڙڪاڻو اسپتال نيو پيو وڃي ته کيس هو فوت ٿي ويو ، هنن چيو ته اسين غريب ۽ پورهيت آهيون ڪنهن سان به دشمني نه آهي اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس جيل اماڻيو وڃي .

  • بهارو ۾پ پ اڳواڻ جا دورا، مختلف ماڻهن سان ملاقاتون

بهارو (ن ع آ ) پ پ اڳواڻ ڪاشان شيخ جا يوسي علي محمد سروهي جي ڳوٺ بهارو ۾ مشتاق آريجو، صدر الدين آريجو ۽ سڪندر عرف چڪور آريجو جي آجياڻي ۾ شرڪت، مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جي شرڪت، ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن، خبر موجب پ پ اڳواڻ ڪاشان شيخ تعلقي گمبٽ جي يو سي علي محمد سروهي جي ڳوٺ بهارو ۾ آريجا برادري جي وڏيري مشتاق آريجو، صدر الدين آريجو ۽ چڪور آريجو پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف برادرين جا چڱن مڙسن خادم حسين پنهور، جاويد حسين پنهور، عبدالرشيد جاگيراڻِي، رياض ملاح، خدا بخش آريجو وڏيرو زبيرگاد ، عمران گاد، بهرام سروهي، زبير احمد گاد، ثناءُ الله پنهور سميت ڪيترن ئي برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ڪاشان شيخ چيو ته پيپلزپارٽي جي منشور ۾ عوام جي ڀلائي سمايل آهي تنهن ڪري پيپلزپارٽي ئي ملڪ جي گاڏي کي بهتر نموني هلائي سگهي ٿي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جڏهن به اقتدار ۾ رهي آهي ته ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو آندو آهي. غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي روزگار سان لڳائي سندن چلها ٻاريا آهن. ان موقعي تي ساڻس گڏ نثار احمد کيمٽيو، مير محمد گهمرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.