فيض گنج پوليس نوجوان گم ڪري ڇڏيو، کنڀڻ جي وڊيو وائرل

فيض گنج (ن ع آ ) فيض گنج وچ شهر مان پوليس ڳوٺ کنڊون خان جي رهواسي نوجوان رحمت الله شر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين نوجوان کي فيض گنج ٿاڻي تي رکيو ويو وارثن کي نوجوان کي آزاد ڪرڻ جا آسرا ڏيندو رهيو ايس ايڇ او رات دير سان اڪري ڪوٽ لالو ٿاڻن تان وڌيڪ نفري گهرائي وارثن کي وڌيڪ نقصان ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ڏئي ٿاڻي تان ڪڍي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان مزدوري ڪري گهر جو گز سفر هلائيندو آهي سندس تي ڪو به ڪيس داخل نہ آهي نہ ئي سندس مٿان ڪا اينسي داخل آهي نوجوان کي فيض گنج ايس ايڇ او بشير ڀيو بيگناھ گم ڪري ڇڏيو آهي نوجوان کي وچ شهر مان پوليس دهشتگردن جيان کنڀي وئي دوران کي کنڀڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن ۾ ايس ايڇ او فيضگنج بشير ڀيو ۽ ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏ سول ڊريس ۾ پوليس موبائيل ۾ کنڀي کڻي رهيو آهي شهرن جي سخت احتجاج باوجود ايس ايڇ او نوجوان کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو  سوين شهرين جو ٿاڻي آڏو ڪيترن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو پر ايس ايڇ او وڌيڪ نفري گهرائي مظاهرين کي وڌيڪ نقصان سميت گرفتار نوجوان کي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏيندو رهيو وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان رحمت الله شر مزدوري ڪري گهر جو گز سفر هلائيندو آهي پوليس بلا جواز گم ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي اعلي اختيارين کي نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، اسان جي نوجوان کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي مڊيا تي اچڻ کان روڪيو پيو وڃي اسان جي نوجوان کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.