کپري ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

کپرو(رپورٽر) کپرو جي شھيد چوڪ تي جٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنئي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا مين چوڪ تي ٿيل جهيڙي سبب شھر ميدان جنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳو زخمين ۾ اقبال , لياقت , غفار , الطاف , ذيشان جٽ ۽ ٻيا شامل آھن زخمين کي کپرو ٿاڻي تي پوليس ليٽر ڏيئي زخمين کي علاج لاء روانو ڪيو ويو زخمين کي  کپرو تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا جتي ٽن ڄڻن کي وڌيڪ ڌڪ لڳڻ سبب ڊاڪٽرن حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو کپرو جي مين چوڪ تي ٿيل جهيڙي دوران شھرين ۾ ڀاڄ پئجي ويئي کپرو شھر ۾ خوف وحراس ڇانهجي ويو جڏھن ته ٻئي ڌريون پيپلز پارٽي سان وابسطه آھن ٻنئي ڌرين جي آخري اطلائن تائين کپرو ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو سباخبر ذراء کان معلوم ٿيو آھي ته ٻنئي ڌرين ۾ اڃا تائين جهيڙي جا امڪان آھن ايس ايس پي سانگهڙ جهيڙي جو نوٽيس وٺي کپرو ۾ امن قائم ڪرايو کپرو پوليس ٻنئي ڌرين جي جهيڙي کي ختم ڪرائڻ لاء کپرو پوليس الرٽ نظر آئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.