ڪنڌڪوٽ ۾تيل چوري جو ڪيس، جوابدار کي 7 سال سزا

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر ) ڪنڌڪوٽ سيشن جج ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جمشيد علي اعواڻ جي عدالت پارڪو تيل لائين مان تیل چوري ڪرڻ تي جوابدار فرمان علی پٽ عبدالرحمن نھڙ کي ڏوهه جي ثابتي تي 7 سال قيد ۽ پنج لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جوابدار پاران ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مھينا قيد ڀوڳندو جوابدار کي بي سيڪشن پوليس پارڪو پائپ لائن مان تيل چوري ڪرڻ جا اوزار جاءِ واردات واري ھنڌان ھٿ ڪيا ھئا جوابدار 10 مھينن کان پوليس حراست ۾ ھو سزا بعد جوابدار کي سينٽرل جيل اماڻيو ويو سزا آيل جوابدار سميت ٽن اڻ سڃاتلن مٿان ٿاڻي بي سيڪشن تي ڪرائيم نمبر 22/2021 تحت ڪيس داخل ٿيل ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.