گهوٽڪي ۾ پورهيت کي هاف فراءِ جو خدشو، وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) هڪ هفتو پهريان ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل  وٽ  غريب پورهيت امير بخش شيخ کي  پيش ڪيو ويو  هو جيڪو ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل صاحب ايس ايڇ او گهوٽڪي اي سيڪشن صدورو لاشاري جي حوالي ڪيو هو پورهيت امير بخش شيخ جي وارثن پيرسن والد  ربڏنو شيخ ۽ احمد دين شيخ ۽ مائي ممتاز شيخ    ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي خدشو آهي  ته ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او گهوٽڪي صدورو لاشاري اسان جي پورهيت امير بخش شيخ کي   هاف فراءِ  ڪري ڇڏيندا  اسان کان ايس ايڇ او صدورو لاشاري پاران لک رپيا رشوت طلب ڪئي هئي، جيڪا نه ڏيڻ ڪري  اسان جي همراهه کي هاف فراءِ  ڪرڻ  لاءِ ڌمڪي ڏني،   هاڻي هن جي وارثن گهر واري مائي ممتاز شيخ  ۽ ان جي پيرسن بابي ربڏنو شيخ ۽ احمد دين ۽ عارب ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب جي ٻاهران   احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي خدشو  آهي  ته  امير بخش شيخ  کي پوليس هاف فراءِ  ڪندي چيف جسٽس ۽ ڊي آءِ جي نوٽيس وٺن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.