شڪارپور جي عدالت زال کي قتل ڪندڙ جوابدار سزا ٻڌائي ڇڏي

شڪارپور ( ڊ .  ر)  زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عدالت پاران سزا. تفصيل موجب : گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت پاران جوابدار غلام علي کوسو کي مقتولا زال ڪلثوم کي قتل جي ڏوهه ۾ 27 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جوابدار ھڪ سال اڳ ماني دير سان پهچائڻ جي ڳالهه تان پنهنجي زال کي سروٽو ھڻي قتل ڪري کيس ڳجھ گوھ ۾ دفنايو ھو خفيه اطلاع ملڻ تي جاچ بعد دائم ملڪ ٿاڻي جي ايس.ايڇ.او پاران ڪاروائي جوابدار کي گرفتار ڪيو، جوابدار تي سرڪار پاران ايس.ايڇ.او قمرالدين مزاري جي فرياد تي دائم ملڪ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جوابدار 164 جي بيان ڏيڻ وقت زال کي قتل ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو ھو، جڏهن ته  ڏنڊ جي رقم مقتولا عورت ڪلثوم جي وارثن کي ڏني وڃي عدالت پاران حڪم ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.