پاڪستان جي ليليٰ خالد: شھيد مريم مختيار

تحرير؛ نصرت سڪندر

اسان جهڙن سماجن ۾، جتي عورت کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ جو خواب پُورو ڪرڻ به اڃا شايد ايندڙ اڄاتل عرصي تائين خواب ئي آهي، اتي ئي اٽي ۾ لُوڻ برابر ئي سهي، پر عورتن ۾ ڪي اهڙا مثالي ڪردار به پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، جيڪي اسانجي معاشري جي نارين لاءِ ئي نه، بلڪه مردن سان گڏ پُوري معاشري لاءِ به اُتساهه توڙي فخر جو باعث بڻجندا رهن ٿا. جڏهن ڪٿي ڪٿي اها ئي ناري همّت ڪري، پنهنجي سماج جي مردن سان ڪلهو، ڪلهي ۾ ملائي به هلي ٿي. سماج ۾ عورت سان امتيازي سلوڪ ته هر دؤرَ ۾ ٿيندو رهيو آهي، تنهن هوندي به عورت هر شعبي ۾ پنهنجي اهليت سان، ڏکيائين جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ، پنهنجيءَ وت آهر قرباني ڏئي مڃتا ماڻي رهي آهي.

2006ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي هوائي فوج (پاڪستان ايئر فورس) ۾ پُرجوش عورتن جي شموليت ٿيڻ شروع ٿي. پهرين جنوري 1992ع تي ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌياڻي، مريم مختار، جيڪا پني عاقل ڄائَي، پاڪستاني فؤجَ جي رٽائرڊ ڪرنل، مختار احمد شيخ جي نياڻي هئي، ڪراچيءَ جي ”اين اِي ڊِي“ (نادرشا ايڊنجي ڊنشاء) انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان تازي گريجوئيشن ڪري اُتم اُتساهه ۽ جوش جذبي سان ڏينهن رات جي اڻڪٿ محنت کانپوءِ ’آءِ ايس ايس بيءَ‘ جو امتحان پاس ڪري، ”هوائي جنگجُو“ (فلائنگ فائيٽر) يا هواباز (پائلٽ) طور ڀرتي ٿي.

مريم، هوائي فؤجَ ۾ گهڙڻ کانپوءِ ”132 جِي ڊي (جنرل ڊيُوٽي) پائلٽ“ ڪورس لاء رسالپور جي ’پاڪستان ايئر فورس اڪيڊميءَ‘ ۾ ويڙهُو جهازَ (فائٽر جيٽ) اُڏائڻ جي تربيت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. سندس دل ۾ ننڍپڻ کان ئي پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ ڪم ڪرڻ جي شديد خواهش هئي. هن دل ۽ جان سان، سينيئر جنگي پائلٽن سان گڏجي مشقون ڪندي پنهنجي سکڻ جي عمل جو  آغاز ڪيو ۽ پنهنجيءَ پسند جي پيشي سان زندگي گهارڻ جو نصب العين کڻي جوش ۽ ولولي سان اڳيان وڌِي. ’پاڪستان جي پهرِين هوا باز ناريءَ‘ طور، ڏيھه توڙي پرڏيھه  مان سندس ارادن جي مضبُوطيءَ تي کيس مڃتا ملي رهي هئي. هن پنهنجيءَ تربيت دؤران ئي بي بي سيءَ کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته هوءَ پنهنجي ڪيريئر جي ان سفر ۾ ڪجهه مختلف ڪرڻ چاهي ٿي. مريم فوٽ بال جي به سٺي رانديگرياڻي هئي.

هڪ ڏينهن صبح جو مريم پنهنجي انسٽرڪٽر پائلٽ، ثاقب عباسيءَ سان گڏ معمول مطابق تربيتي مشق لاءِ ”ايف ٽِي سيون پِي جِي“ نالي جنگِي جهاز ۾ معمُول جي تربيتي اُڏام ڪري رهي هئي، ته قضا سان، پنجاب جي گجرات ۽ ميانوالي ضلعن جي ڪَسَ واري علائقي جي حدن اندر ’ڪنديان‘ نالي قصبي ويجهو، جهاز کي هڪ جان ليوا حادثو پيش آيو، جنهن سان جهاز جي انجڻ کي باهه لڳي ۽ تيز هوا سبب هڪ دم  ان باھ، جهاز کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. هوابازيءَ دؤران اهڙيءَ ڪنهن به صورتحال ۾ فائيٽر پائلٽ کي بنا ڪنهن دير جي پيراشُوٽ رستي جهاز مان ٻاهر ٽپو ڏئي، پنهنجي جان بچائڻ جو حڪم هوندو آهي. اُن ڏينهن پيش آيل ان حادثي جي صورت ۾ مريم ۽ سندس سينيئر ساٿي پائلٽ، ان جهاز جي ڪِري تباهه ٿيڻ ڪري، پيش ايندڙ ڪنهن به ممڪنه حادثي ۾  عوام کي جاني توڙي مالي نقصان کان بچائڻ جي خيال کان، ان جهاز کي آباديءَ کان پري اُڏايو ۽ جهاز جو رُخ آباديءَ کان موڙي، پاڻ پيراشُوٽ رستي جهاز مان ٽپو ڏنائون، جنهن ۾ مريم جو پيراشُوٽ صحيح نموني کُلي نه سگهڻ ڪري، زمين تي ڪِرڻ سان کيس گهرا ڌڪ لڳا، جن زخمن جا سور سهِي نه سگهندي، ۽ دير سان طبي امداد ملڻ سبب، پاڪستان جي هيءَ پهرين عورت پائلٽ، ڊيوٽيءَ دؤران پنهنجا فرض نباهيندي، ملڪ توڙي ان جي عوام کي ڪنهن به ممڪنه جاني توڙي مالي نقصان کان بچائيندي، شهادت جو جام پيتو، جڏهن ته سندس سينيئر انسٽرڪٽر پائلٽ کي به زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو.

اڄ کان 5 سال اڳ 24 نومبر 2015ع تي، فقط 23 سالن جي ڄمار ۾، سنڌ ۽ پاڪستان جي هن نؤجوان فخر لائق نياڻيءَ، شان سان ملڪي دفاع لاءِ پنهنجيءَ جان جو نذرانو پيش ڪندي، امرتا ماڻي. کيس پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

شهيد مريم مختار شيخ کي حڪومتِ پاڪستان سندس دليريءَ جو قدر ڪندي، شهادت پُڄاڻان، ”تمغهء بسالت“ سان نوازيو. سندس مڃتا جو اهتمام، سندس ياد ۾ ”ايک تهي مريم“ نالي ٺهيل هڪ ٽيلي فلم رستي به ڪيو ويو، جنهن کي ملڪ جِي ناميارِي فلم ڊائريڪٽر، مهرين جبّار پنهنجي هدايتڪاريءَ ۾ رليز ڪيو. ته جيئن ان فلم رستي، شهيد مريم، مُلڪ جي نارين کي فخر لائق اتساھ بخشي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.