ڪوٽڏيجي ويجهو واهه کي 50 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ، هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪوٽڏيجي( رپورٽ : ثناءُ الله بگٽي)  ڪوٽڏيجي جي علائقي لياري اسٽاپ ڀرسان رات دير سان ڀرڳڙي ريگيوليٽر مان نڪرندڙ محبت واھ کي 50 فوٽ گهارو پئجي ويو پاڻي جو تيز وهڪر هجڻ ڪري سوين ايڪڙن تي تازو پوکيل ڪڻڪ سميت مختلف فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا گهاري واري هنڌ پهچي گهاري پوڻ جو فوري اطلاع ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي عملي کي ڏيڻ باوجود وقت تي نه پهچڻ ۽ نه ئي پاڻي جو وھڪرو گھٽائڻ ڪري پاڻي جي رفتار تيز ھجڻ ڪري پاڻي قومي شاهراهه تان ڪراس ڪري مڇي جي تلا سميت مختلف فصل پاڻي جي هيٺ اچي ويا آبپاشي کاتي جي نااھل عملي خلاف ڳوٺاڻن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري آبپاشي کاتي جي انجنيئر، ايس ڊي او ۽ سرويئر خلاف احتجاج مظاهرو ڪندي  محمد علي ٻرڙو، عبدالرشید آرائين ،مرتضي ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته رات اڍائي بجه محبت واھ کي 50 فوٽ گهارو پوڻ ڪري پاڻي جي وهڪر تيز هجڻ ڪري اسان فوري طور آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا کي ڪنٽرول ذريعي اگهائي ڏني جن پاران وقت تي نه پهچڻ سان گڏ محبت واھ جي پاڻي جو وهڪر گهٽ نه ڪرايو ويو جنهن سبب  تازو پوکيل ڪڻڪ سميت مختلف فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ وڪوڙجي ويا  آهن ۽ مرتضي ٻرڙو چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن سج اڀرڻ تائين لڳل گهارو کي بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه وٺڻ ڪري پاڻي قومي شاهراهه تان ڪراس ڪري تازو پوکيل 27  ايڪڙن تي ڪڻڪ ۽ ان کان علاوه مڇي جي تلا ۾ داخل ٿي ويو جنھن سبب اسان غريب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي  اتري سگھ ناهي جو اسين ٻيهر ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهون ٻج ، ڊي اي پي ۽ يوريا ڪلر جا ريٽ آسمان تي پهتل آهن اڳ ئي واپارن کان وياج تي ٻج ڪلر کڻي فصلن جي پوکائي ڪئي هاڻي ڪٿان ٻيهر ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي ڪيون آبادگارن وزير اعلي سنڌ آبپاشي کاتي جي وزير زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ،ڊي سي خيرپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي آبپاشي کاتي جي انجنيئر، ايس ڊي او ۽ سرويئر خلاف ڪارروائي ڪري  ٿيل فصل جي نقصان جو ازالو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.