دودي ڀيل جو خون جرڳي ذريعي لوڙھيو ويندو!

تحرير؛اسماعيل بھلڪاڻي

ڳچ عرصو اڳ اسلام ڪوٽ جي ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي ڪمانڊ جي تشدد ۾ فوت ٿيل پورھيت دودي ڀيل جو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو ڪجهھ ڏينھن کان ميڊيا تي دودي ڀيل جي وارثن پاران قاتل ڌر سان دودي ڀيل جي خون جو جرڳي وسيلي ٺاھ ٿيڻ جون خبرون پڙھڻ لاءِ  ملن ٿيون پھرين آنءُ اھڙين خبرن کي صحافين جي اڳڪٿي يا ڪنھن کان ٻڌل يعني غير تصديق خبرون محسوس ڪري رھيو ھئس پر گذريل ٻن ڏينھن کان اخباري خبرن ۾ دودي ڀيل جي ڀاءُ ۽ امڙ دودي ڀيل جي قاتلن سان ٺاھ ڪرڻ جي تصديق ڪئي آھي دودي ڀيل جي امڙ ۽ ڀاءُ اھو موقف اختيار ڪيو آھي ته ڪورٽن لاءِ  گھربل پئسا ۽ ٽائيم نه آھي ھنن ڪورٽن ۾ وڏو خرچو ڪيو آھي.

سنڌ حڪومت پاران کين ڏنل ھڪ ڪروڙ رپيا پڻ شنوائين ۾ خرچ ٿي ويا جڏھن ته ھر شنوائي تي ويھه ھزار روپيه خرچ ٿو اچي تنھن ڪري ھاڻ ھو ڪورٽن جو خرچو برداشت نه ٿا ڪري سگھن سندن خيال آھي ته راڄوڻيءَ ۾ دودي جي ٻارڙن ۽ گھرواريءَ کي فائدو ٿيندو راڄوڻي وسيلي ٿيندڙ جرڳي ۾ خون جي ملندڙ معاوضي مان دودي جا ٻارڙا پڙھندا ۽ سندس گھر جو چرخو بھتر نموني ھلي سگھندو. دودي جي ڀاءُ امڙ ۽ امڙ جو اھو به چوڻ آھي ته دودي کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪمانڊر ڪاشف رضا جي فيملي مٿن ٺاھ لاءِ  دٻاءُ وڌو ۽ اسان به ٺاھ کي بھتر سمجھيو خبرون ٻڌڻ ۾ آيون آھن ته جوابدار ڌر دودي جي وارثن کي ھڪ ڪروڙ روپيه روڪ رقم پنج نوڪريون دودي جي ٻارڙن  جي پڙھائي جو خرچو ۽ دودي جي گھرواري کي تاحيات پگھار پڻ اينگرو ڪمپني ڏيندي جڏھن ته ان ڊيل جو ضامن اتان جو مقامي وڏيرو آھي دودي ڀيل جي وارثن جي بيوسي ۽ ڪورٽن تان کڄيل ڀروسو ٻڌائي ٿو اسان جي ملڪ ۾ انصاف نالي ڪا شئي نه آھي ڇو ته ڪورٽن مان انصاف ملي ھا ته دودي ڀيل سميت ڪيترائي متاثر مظلوم پرائيويٽ جرڳن کي ھرگز اھميت نه ڏين ھا تقريبن ھڪ سال کان دودي ڀيل جو قتل ڪيس حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي جوابدار بااثر ھجڻ سبب دودي جا وارث حاضريون ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيا پر انصاف سندن پلئه نه پئجي سگھيو آھي نتيجي طور ھو راڄوڻي ڪرڻ تي راضي ٿي ويا اھڙي طرح ميھڙ جي ام رباب چئن سالن کان ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي ٿي پئي اڄ تائين ساڻس انصاف نه ٿي سگھيو آھي ٺل مان چوڏھن سالن کان ھڪ سردار پاران اغوا ڪرايل پورھيت عبدالرزاق سرڪي جي معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جا والدين اڃان تائين انصاف جي اوسيئڙي ۾ زندگي جا پڇاڙڪا ڏينھن روئيندي گذارن ٿا پيا ھي چند مثال ملڪي انصاف جي اڻھوند جو ثبوت آھن.

 قتل و غارت ناانصافي داداگيري ڌاڙيل ڪلچر سردارڪي نظام قبيلائي جھيڙن سميت ملڪ ۾ موجود سمورا مسئلا فقط انصاف نه ھجڻ جو نتيجو آھن جيڪڏهن ملڪ ۾ برابري ۽ انصاف جي  فراھمي يقيني بڻجي ته ملڪ ۾ ناانصافي ۽ ظلم جون پاڙون پٽجي وينديون ظلم ۽ ظالم جو نالو نشان به باقي نه رھندو يقين ڄاڻو ته ناانصافي ۽ طبقاتي نظام ماڻھن کي باغي بڻائي ڇڏيو آھي اھڙي ماحول ۾ دودي ڀيل، ناظم جوکئي، ڪرم الله قابل چانڊيو جي وارثن جي قاتلن سان ٺاھ ڪرڻ مجبوري بڻجي وڃي ٿي پر اسين وري به اميد ڪريون ٿا ته دودي ڀيل ۽ ناظم جوکئي جا وارث ڪنھن به ريت قاتل ڌر سان ٺاھ نه ڪندا. سنڌ جي امر ڪردار بيباڪ بھادر نياڻي ام رباب جيان قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ  پتوڙيندا رھندا جيڪڏهن ڪو به مظلوم متاثر راڄوڻي وسيلي ڪنھن بااثر سان مقتول جي خون جو سودو ڪري ٿو ته اھو ھرمظلوم ۽ محڪوم لاءِ  نقصانڪار آھي قاتل بااثر ھجڻ سبب مقتول جي خون جو ڏنڊ ڀري ڏيندو پر آئينده لاءِ  ھو ڏوھ ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو ھر ڏوھ ان سوچ مطابق ڪندو ته فلاڻي ڏوھ جيان ھن ڏوھ جو به ڏنڊ ڀري ڏبو.

سو دودي ڀيل ناظم جوکئي ڪرم الله ۽ قابل چانڊئي جي وارثن سميت ھر مظلوم متاثر کي کپي ته ھو قاتلن کي دعيت يا راڄوڻي ڪرڻ بجاءِ ڪورٽن ۾ گهلين کين آخري حد تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئين ظالمن قاتلن کي احساس ٿئي ۽ آئنده ڪنھن دودي ناظم ڪرم الله ۽ قابل کي ھٿ لائڻ کان پھرين سئو دفعا سوچڻ گھرجي. ملڪي عدالتن کي پڻ نماڻي التجا آھي ته عدالتن ۾ ھلندڙ سمورن ڪيسن جي جوابدارن خصوصن هن قتل ڪيس جي قاتل جوابدارن کي سخت سزائون ڏين جيئين آئنده ڪو بااثر ظالم ڪنھن مظلوم سان ناحق نه ڪري

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.