آءِ ايم ايف جو قرض ۽ ايندڙ مهانگائي جو نئون طوفان

تحرير؛صاحب خان ڀٽي

هڪ طرف ملڪ ۾ مهانگائي آهي ته ٻئي طرف وري حڪمران پنهنجون  ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي رهيا آهن ۽ ملڪ کي  وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رهيا آهن پر افسوس انهن کان ڪو پڇڻ وارو نه آهي ته  ايترو وياج ڪير ڀريندو؟ ظاهر ڳالهه آهي  اهو وياج عوام  کي ئي ڀرڻو آهي، موجوده حڪمران ته پنهنجي اقتدار جو مدو پورو ڪري هليا ويندا  پوءِ ڀوڳڻو  اسان  کي ئي پوندو، هر شئي  مهانگي ٿيندي، ماڻهو بک ۽  بدحالي جي ور چڙهي ويندا، مهانگائي   ۽ بيروزگاري وڌي ته  ڏوهي وارداتن ۾ به اضافو ٿيندو، جنهن جو ذميوار به موجوده سرڪار هوندي.

ڪجهه عرصو اڳ افغانستان کي  وزيراعظم عمران خان ڪڻڪ به امداد ۾ ڏني  هئي ۽ هاڻي وري وزيراعظم عمران خان افغانستان جي عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي 5 ارب رپين جي امدادي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها منظوري ان وقت ڏني وئي آهي، جڏهن اسان جو ملڪ سڄي دنيا مان قرض وٺڻ لاءِ وانجهائي رهيو  هو ۽ آخر ڪار آءِ ايم ايف جي سخت شرطن آڏو حڪمرانن کي جهڪڻو پيو، ۽ پاڪستان جي عوام تي  مهانگائي جو  بم ڪيرائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو، تنهن کانپوءِ وڃي آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ تي راضي ٿيو،  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئه ٿي ويو، معاهدي تحت مالياتي اداري پاڪستان کي هڪ ارب 50 لک 90 هزار ڊالرز قرض ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي قرض جي رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڪندو، اها قسط جاري ٿيڻ بعد پاڪستان کي مليل قرض جو مجموعي ڪاٿو 3 ارب 20 لک 70 هزار ڊالر ٿي ويندو، قرض پروگرام جي بحالي پهرين ڏنل شرطن تي عملدرآمد سان مشروط هوندي، حڪومتي ادارن کي ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي، گورننس ۾ بهتري ۽ شفافيت جي ضرورت آهي، ٽئڪس بيس وڌائڻ ۽ ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي، آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ وقت وزيراعظم پاران پاڙيسري ملڪ کي امداد ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇا اسان جا حڪمران قرض افغانستان لاءِ وٺي رهيا آهن؟ اهو جواب حڪمرانن کي ڏيڻو پوندو، آخر ڇو وڏي وياج  تي قرض کڻي پاڙيسري ملڪ کي نوازيو پيو وڃي، جيترو ڪنهن ٻئي ملڪ پاڪستان کي نقصان نه ڏنو آهي، جيترو جاني نقصان افغانستان جي دهشتگردن ذريعي اسان کي مليو آهي، افغانستان مان آيل دهشتگردن مسجدن، امام بارگاهن کي به بخش نه ڪيو آهي، اهڙي دهشتگرد ملڪ جي سرحد کي ته سخت ٿيڻ گهرجي ها.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن مڃڻ کانپوءِ ملڪ۾ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان اچي رهيو آهي، ٽن سالن دوران پي ٽي آءِ سرڪار جيڪا مهانگائي ڪئي آهي، ان جو رڪارڊ 70 سالن ۾ ڪنهن نه ٽوڙيو هوندو، جيترو قرض هن حڪومت کي مليو آهي، شايد ڪنهن ٻي حڪومت کي مليو هجي، سعودي عرب به جيڪو تازو قرض ڏنو آهي، ان کان وڌيڪ ته  وياج حڪومت کي ڀرڻو پوندو، هاڻ ته آءِ ايم ايف سخت شرط رکيا آهن، بجلي ۽ گئس به مهانگي ٿيندي، پيٽرول به  هاڻ تمام گهڻو وڌندو، جيڪڏهن ڊالر جو اگهه وڌيو ته پاڪستان جو قرض ٻيڻ تي ٿي ويندو ۽ وياج به وڌيڪ ڀرڻو پوندو، جنهن سان آءِ ايم ايف طرفان ملندڙ قرض ڪنهن ڪم جو نه هوندو، حڪمرانن کي گهرجي ته پاڙيسري ملڪن کي امداد ڏيڻ بدران پنهنجي اصل حقيقت کي تسليم ڪري ۽ اها رقم قرض لاهڻ لاءِ ڏني وڃي ته جيئن ملڪ خوشحال ٿئي،  پي ٽي آءِ سرڪار کي پاڙيسري ملڪ جي ڳڻتي  ڪرڻ بدران پاڪستان جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.