معصوم ڪانھا ڪمار  جي سيني تي سجايل ميڊل ۽ ڪاميابيءَ جون ٽرافيون  ! 

تحرير؛مسرور سيال

ارادو ڪيم ته 20 نومبر تي ٻارڙن جي عالمي ڏھاڙي تي لکان پر خبر ناھي ڇو  دل بي چين پئي ٿي ۽ وقت گذري ويو، لکي نه سگھيس پوءِ وري  خبر آئي ته ٻٻرلوءِ ۾ ھڪ ڪِيس ٿيو آھي  ھي شھر خيرپور ميرس ضلعي جو آھي. خيرپور ۾ وڏي عرصي کان ڪي خير جون خبرون نٿيون اچن خاص پير ڳوٺ ۾ ته وڏا دردناڪ واقعا رپورٽ ٿيندا رھيا آھن اھڙي طرح ھر شھر مان ڪا نه ڪا اھڙي خبر رپورٽ ٿي رھي آھي جنھن سان خيرپور واري خير جا پَرَ ڪٽيل نظر اچي رھيا آھن جو اُتي ھاڻ امن جو پکي دانھون ڪندي نظر پيو اچي  . ڳڻتي واري ڳالھه ھي آھي ته بدفعلي جا واقعا گھڻا رپورٽ ٿي رھيا آھن خاص ڪري معصوم ٻارڙن سان ! بدفعلي ته آھي ئي ڏوھه پر اھڙو ڏوھه معصوم ٻارڙن سان ۽ وري انھن جي جان به وٺڻ ! ڪيترو نه اسان وٽ  وحشت پڻو وڌندو پيو وڃي . ھي ته اُھي واقعا آھن جيڪي منظر تي اچن ٿا پر ڪيترا ته اھڙا به آھن جيڪي منظر تي نٿا اچن جيڪو عمل انتھائي خطرناڪ آھي،  ان ڪري ته ڏوھاري کين ھر وقت بليڪ ميل ڪندا رھن ٿا

کجي جيڪا ھر زماني ۾ خوشحاليءَ جي علامت رھي آھي کجين جا باغ شاھوڪاري سمجھي ويندي ھئي  سنڌ جو ضلعو اڳوڻي رياست خيرپور ايشيا جو اھو علائقو  آھي جيڪو  کجين جي باغن واري سڃاڻپ رکندڙ آھي پر بدقسمتيءَ سان اسان جي سڃاڻپ تي ۽ علامتن تي به ڳاڙھا نشان اچي وڃن ٿا . جتي کجين جيان بلند ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ڏوڪن ، ڏوڪن مان ڪتل ۽ ڪتل مان تيار ٿيندڙ سوڳات جيڪا  صحت ، تندرستي خوشين واري ھوندي آھي اتي نيچ سوچ ، ڪريل حرڪتون ، انسانيت کي لڄائيندڙ عمل نجا واقعا ٿيڻ تي دماغ مان ٺڪاءَ ته نڪرندا ۽ سوال ته  پيدا ٿيندو ته اسين ڪيڏانھن پيا وڃون ؟ ڪانھا ڪمار جي ڄمار ته ڏسو ھو ته کجي مان پيدا ٿيندڙ ان ڏوڪي جيان آھي جنھن کي رسڻ ، بچڻ ۾ اڃا وقت گھربل ھيو سندس ھٿن ۾ ٽرافيون ، سيني تي سجايل ميڊل ھن جي ڪاميابي جا پيغام ڏئي رھيا ھئا هن ته پنھنجي ابي امان ، خاندان لاءِ سوڳات بڻجڻ پئي چاھيو پر کيس ڪچڙي عمر ۾ ظالمن پاران پنھنجي حوس جو نشانو بڻائي کيس سروٽن سان ائين چٿيو ويو جئين ھو انسان جو ٻچڙو ئي نه ھجي . ھتي ته پکين ، جيت جڻين، جانورن وڻن ٽڻن سان محبت جا درس ڏنا ويندا آھن  دنيا جا مھذب ملڪ نه رڳو اھڙي ڳالھه ڪن ٿا پر ان تي عمل ڪري ڏيکارين ٿا . اسان وٽ ته انسان جي ٻچڙي سان به بدترين سلوڪ ڪيا وڃن ٿا . ھنن ظالمن معصوم کي پنھنجي وقتي هوس جي باھه جو نشانو ته بڻايو پر ان ڏوھه کي لڪائڻ لاءِ ھنن جيڪو ظلم ڪيو اُھو ڪيڏو نه جيءُ جهوريندڙ آھي، ھن ظلم جي خبر ته ان جيجل ماءُ کان  پڇجي جيڪا ڪانھا ڪمار کي ھٿن سان سنواري سينگاري پنھنجي ڇاتي سان لائيندي چھري ۽ ھٿڙن  تي مٺيون ڏيندي کيس اسڪول موڪليندي ھئي ، اھڙي خبر ھن جي ، ابي  کان وٺجي ته سندس اکين جي  نور جو ھاڻ ڇا حال آھي ، درد ته ڀائر ڀينر ئي بيان ڪري سگھن ٿا چيو پيو وڃي ته معصوم ڪانھا ڪمار 6 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ ھو مطلب ابي امان کي سڪيلڌو ھڪ ئي گلاب جو گل ھو جيڪو کانئن بيدردي سان کسيو ويو آھي ان درد ، پيڙا  جو اندازو ئي ناھي جيڪو کين ھوندو  پر اھو درد ته پاڻ محسوس ڪيون پيا ان ڪري ته معصوم ڪانھا ڪمار ھر اولاد رکندڙ جي اولاد جيان ھو ھر پيءُ ھر ماءُ ساڳيو درد محسوس ڪري رھيو ھوندو  .

 ڪانھا ڪمار شھيد ٿي سنڌو جي پيٽ حوالي ٿي ويو ھاڻ سنڌو ڄاڻي معصوم  ڪانھا ڪمار  ڄاڻي ! درد ته امڙ ، ابي کي تڙپائيندو رھندو . خيرپور پوليس ڏوھاري گرفتار ڪري ورتا آهن جن ڏوھه جو اعتراف به ڪيو آھي جن ۾ ھڪ شاھه ٻيو مڱڻھار آھي. شاھه جي وارثن ساڻس لاتعلقي جو اظھار ڪري کيس سرعام گولي ھڻڻ توڙي لاش گھر نه موڪلڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي ۽ پاڻ کي ھندو برادري جي سوڳ/ ڏک ۾  شريڪ ڪيو آھي . ھي عمل به بھتر آھي ته ڏوھارين کان سندن وارث به لاتعلقي ڏيکارين ۽ سندن  پوئيواري نه ڪن  ته ان جا  به مثبت اثر پوندا . اھڙي طرح علائقي جا چڱا مٺا به ليڪو ڏئي ڇڏين مظلوم جي ڀر وٺن ۽ پوليس سچائي ڪري ته ڏوھارين ، قاتلن کي قانون کان  سزا ڏياري  کين عبرت جو نشانو بڻائي ته ھوند اھڙا واقعا ڪرڻ وقت ڏوھارين کي ھزار دفعاسوچڻو پوندو ته ھو قانون جي پڪڙ ۽ عبرتناڪ سزا کان بچي نه سگھندا .

 ڏسجي  ته اسان وٽ وري ابتڙ عمل ٿئي ٿو، ڏوھاري کي بچائڻ لاءِ سڀ عنصر سرگرم ٿي وڃن ٿا ۽ فريادي ڌر کي ھر حوالي سان مجبور ڪيو وڃي ٿو ته ھو ڪيس تان ھٿ کڻن يا راڄوڻي ڪن جنھن جو مطلب ته ڏوھاري کي بچائڻ ھجي ٿو . ھن ڪيس ۾ ته وارثن به ڏوھارين کان لاتعلقي ڏيکاري آھي ته پوءِ قانون به ڦڙتي ڏيکاري ۽ وحشي بگھڙ ڏوھارين قاتلن کي بنا ڪنھن دير  عبرتناڪ  سزا ڏني وڃي ۽ اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ عملي طور تي سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي سامھون اچڻ گھرجي . ان سان اھڙن ڏوھن جي اصل ڪارڻ ڪھڙا آھن اُھي واضح ٿيڻ گھرجن ان جا ذميوار ڪير آھن اھو تعين ڪرڻ گھرجي . اھو ڪير ڪندو؟ ظاھر آھي جيڪي عوامي نمائندا قانون سازي لاءِ اسيمبلين ۾ موجود آهن اُھي ئي ڪندا . پر انھن تي ڀاڙڻ کان بھتر آھي ته سياسي ، سماجي ، ديني ، علمي ، ادبي تنظيمون عملي طور اڳتي اچن عوام ۾ شعور ڏيڻ جي ضرورت آھي . منھنجي نظر ۾ ھي سڀ ڪجھه اخلاقي قدرن جي تعليم نه ڏيڻ جو ڪارڻ آھي اسان جي اسڪولن ، ڪاليجن ، يونيورسٽين ، مدرسن ، واعظن ، مجلسن ، ڪچھرين ، اوطاقن ، سيمينارن , ڪانفرنسن  ۾ اھڙي موضوع کي اھميت نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي موضوعاتي حصو بڻائي ان تي ڳالھايو وڃي ٿو يا ليڪچر ڏنا وڃن ٿا . ٻيو ڪارڻ قانون جو عملي طور نه ھجڻ ۽  انصاف جو وقتائتو نه ملڻ آھي اسان جا رويا به ان جو ڪارڻ آھن . اسين ڏوھاري کي سزائي نٿا ڏيڻ ڏيون سڀ طاقتور کيس بچائڻ جي چڪر ۾ ھوندا آھن  . قرآن پاڪ ۽ سيد ، چڱا مٺا جيڪي مظلوم جي طرفان ميڙ ھجن پر ھي سڀ ڏوھاري کي بچائڻ لاءِ ميڙ طور آندا وڃن ٿا . قرآن پاڪ جيڪو ڏوھاري جي سزا جي ڳالھه ڪري ٿو مظلوم جو ساٿ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو اهو ظالم کي بچائڻ لاءِ ۽ مظلوم جو ڪيس لوڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو پڻ ھڪ وڏي ڏوھه سان گڏ قرآن جي بي حرمتي جي ذمري ۾ اچي ٿو

ڏسجي ته  ھي عمل اُتي ٿين ٿا جتي قانون ۽ انصاف  نٿو ھجي ، جيڪڏھن ھي ھجن ھا ته پوءِ قانون مطابق عدالتون ئي فيصلو ڪن ھا ۽ ٻيو آپشن موجود نه ھجي ھا نه ئي ان کي قبوليو وڃي ھا ، سنڌ ۾  ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ روز جو معمول بڻيل آهي ڪڏھن فطرت جي تحفظ خاطر قرباني ڏيندڙ  شھيد ناظم جوکيو ۽ شھيد فھميده سيال جي خونن کي لوڙهڻ. لاءِ فريادين تي دٻاءُ وڌا پيا وڃن ۽ قاتلن کي بچائڻ جا سڀ ناجائز ۽ غيرقانوني طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن .اھڙي صورتحال ۾ قانون به خاموش آھي ! جيڪو وري به  ڏوھارين کي فائدو آھي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.