ڪينسر جي بيماري مان صحتياب ٿي نڪرڻ جي ڪٿا

تحرير؛سيما عباسي

ھيءَ اتفاق جي ڳالھه آھي جنھن ڏينھن منھنجي علاج جي اختتامي مرحلي جي آخري رپورٽ ڪليئر آئي تنھن ڏينھن سر   زرار پيرزادي جي فون آئي، جنھن منھنجي صحتيابي جي مبارڪ باد ڏيڻ سان گڏوگڏ مونکي منھنجي بند ڪيل ھفتيوار ڪالم   ” نيٺ ته صبح ٿيندو“   کي ٻيھر شروع ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني مون ٻيھر ڪالم لکڻ جي حامي ڀري ڇو ته اھڙي قسم جي صلاح ڪيترائي دفعا مونکي ادي حميده گھانگھرو به ڏيئي چُڪي ھئي.

 ھيءُ ڪالم ساڳي منقطع ڪيل ھفتيوار ڪالم جي ٻي ڪڙي چئي سگھجي ٿو۔ اڄ مان جتي پنھنجي صحتيابي تي خوشي محسوس ڪري رھي آھيان اتي اھا ڳالھه پڻ سرشاري ۽ آٿت ڏيئي رھي آھي ته بيماري دوران وقتي طور تي منقطع ڪيل لکڻ جي سلسلي جي وري شروعات ٿي سگھندي۔

ڪالم جي شروعات پنھنجي بيماري جي تشخيص ٿيڻ کانپوءِ محسوس ڪندڙ انھن ڪيفيتن کي ٻڌائڻ جي حوالي سان ظاھر ڪندس۔ جڏھن ڏيڍ سال اڳ مونکي ڪلون ڪينسر ڊائيگنوز ٿيو ھو۔ شروعات پيٽ ۾ ھلڪي ھلڪي سور پوڻ سان ٿي۔ بعد ۾ تڪليف وڌي وئي ته آنڊي جو آپريشن ڪيو ويو۔ آپريشن کان پوءِ جڏھن بايوايفسي جي رپورٽ آئي ته ان ۾ آنڊي جو ڪينسر ٻڌايو ويو۔ جنھن ۾ اسٽيج ٿري b يعني ايڊوانس ليول ٻڌايو ويو ھو۔

ظاھر آھي ته اھا صورتحال منھنجي لاءِ  ۽ منهنجي گهر وارن لاءِ ڪا سولي ڪونه ھئي۔  بھرڪيف مونکي ھمت ۽ حوصلي جو مظاھرو ڪرڻو ھُيو۔ ان سان گڏوگڏ گھر جي سربراهه ھجڻ جي ناتي مونکي ٻارن ۽ گھر کي به سنڀالڻو ھو۔ مون پنھنجي اندر جو حوصلو ڪٺو ڪيو۔ مان ذھني ۽ جسماني طور ان  ”موذي مرض“  جي خلاف جنگ جوٽڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳس۔

ڪينسر جي علاج دوران  اسپتال  گهڻو ايندي ويندي ادراڪ ٿيو ته هي مرض  اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو وڌي چڪو آھي۔۔هر عمر جا ماڻھو هن موذي مرض ۾ ورتل نظر آيا۔۔خاص ڪري عورتن ۾ ڇاتي جو ڪينسر ۽ هر عمر جي ماڻھن ۾ بلڊ ڪينسر تمام گهڻو نظر آيو۔

علاج دوران جسماني ۽ نفسياتي طور تي مونسان ڇا وھيو واپريو؟ پنھنجن پراون جو رويو ڪھڙي مزاج جو رھيو؟ منھنجي قوت مدافعت کي ڪھڙن ڪھڙن آزمائشي رستن جي خاڪ ڇاڻڻي پئي؟ ھن شعر وانگر پنھنجي وت ۽ وس آھر بردباري سان ڀوڳڻ جو سلسلو بحال رکيو۔

ہاں ہاں چراغ عشق ہوں بُجھتا نہیں ہوں میں۔

ان  سر پھری ہوائوں  سے  ڈرتا نہیں ہوں میں۔

چپ   چاپ  تُجھے  مرتا   ہوا   دیکھتا   رہوں،

اتنا بھی   زندگی   گيا    گذره  نہیں ہوں میں۔

نامعلوم

ڏکيو وقت جڏھن ڪو انسان گذاريندو آھي ته ماڻھن جا مختلف رويا ھوندا آھن۔ جيڪي ٽوڙيندا به آھن ته جوڙيندا به آھن۔  جيڪي ٺاھيندا به آھن ته ڊاھيندا به آھن۔ اھوئي سبب آھي جو چيو ويندو آھي ته انسان جي ڏکي وقت ۾ ساٿ ڇڏڻ وارو به  ياد رھجي ويندو آھي ۽ ساٿ ڏيڻ به وسري ناھي سگھندو.

 ٿورائتي آھيان ادب جي انھن باوقار نالن جي جن بيماري دوران ھر قدم تي منھنجي دل جوئي ڪئي۔ ڪيترائي محترم، معزز ۽ مانائتا ليکڪ منھنجي طبيعت پڇڻ منھنجي گھر آيا۔ ڪيترن کي دعائن  ۾ غائبانه طور مان ياد رھيس۔ بيماري دوران مون پنھنجي مزاج ۾ مختلف ڪيفيتون محسوس ڪيون۔ ماڻھن جون ڏنل آٿتون اندر کي جڏھن بھلائي نه سگھنديون ھُيون ته دعائن جو در وٺي الله کي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ھُيس۔ ڏاڍو ڏکيو دؤر ھُيو۔ ھڪ يقين ۽ غير يقيني  واري ڪيفيت ۾ زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو ھوندو آھي۔ اھڙي ڪيفيت جي باري ۾ اھي ئي مريض چڱي ريت ٻڌائي سگھن ٿا۔ جن کي پنھنجو آن ڪولجسٽ اھو چئي چڪو ھجي ته مان اوھان جي زندگي جي باري ۾ حتمي طور تي ڪجھه  چئي نه ٿو سگھان۔  جيستائين ڪيمو ٿراپي جي علاج دؤران اوھان جو جسم بھتر طور تي ريسپانس نه ٿو ڪري سگھي۔ ڊاڪٽر جو اهو جواب يقينن مايوس ڪندڙ هو۔ڪينسر جي علاج طور استعمال ٿيندڙ سورة رحمٰن جڏھن ٻڌندي ھُيس ته اکين مان بي آواز ڳوڙھا ڳڙي پوندا ھُيا۔

    ”فَبِاَ ِیّ اٰلآءِ رَبِّکُمٰ تُکَذّبانِ

۽ توھان پروردگار جي ڪھڙين ڪھڙين نعمتن کي جھٽلائيندئو“۔

بيشڪ صحت ھزار نعمت آھي۔ ان جو قدر تڏھن ٿئي ٿو جڏھن اھا ھٿن مان ھلي وڃي ٿي۔ اھڙي ڏکئي وقت ۾ ڪي رويا بيماري ۾ وڌيڪ تاثير پيدا ڪري ڇڏيندا آھن  پر بردباري جي تقاضا وري به اھا ھوندي آھي۔ ته پنھنجو پاڻ کي اھڙي ماحول کان پري کڻي وڃجي۔ ڪنھن ڏاھي انگريزي ۾ ڇا خوب چيو آھي۔

Matuarity is  Learning  to  walk  away

From those People and situations that

Threaten your  peace    of   mind, self, respect, values, morals or self worth.

پر سچ اھو آھي ته انھن ڏينھن ۾ بيماري جي ھر نئين ڪيفيت مونکي الله سائين جي ويجھو ڪندي ويئي۔ الله سائين ھر ڏکي کان ڏکي وقت ۾ پاڻ تي توڪل ڪرڻ جي سگهھ عطا ڪئي۔ بيشڪ! اسان جي معمولي ۽ محدود سمجھه ھن جي مُدبر حڪمت ۽ مصلحت تائين پھچڻ جو علم نه ٿي رکي سگھي۔ سچ اھو آھي ته منھنجي زندگي جو ھر ڏکيو مرحلو مونکي خدا جي ويجھي ڪرڻ جو باعث بڻيو آھي۔ پر ڏکئي وقت جي ڪرم نوازين جي باعث روين جي خاردار  رستن تي ھلندي پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ سڃاڻڻ واري پروڙ جي ويجھو پھچندي الله جي قريب ٿيڻ جو موقعو ملڻ کي به پنھنجي سعادت ڀانيان ٿي۔ ڏاھا ڏکئي وقت کي استاد جو درجو ڇو ڏيندا آھن۔ ان سچ جي پروڙ انسان کي تڏھن پوي ٿي جڏھن انسان تي مشڪل وقت اچي ٿو۔ بھرڪيف ھر مشڪل وقت به غالب جي ھن شعر وانگر گذري وڃڻو آھي ته،

    گذر    جائےگا       يہ    وقت     بھی  غالب،

   جب خوشی نهیں ٹھری تو غم کی کیا اوقات ہے۔

                                        ۔ مرزا غالب

    پر تڪليف وقت ڪيترو به ڊگھو ھجي پر گذري ويندو آھي۔ڇو ته

ڪيڏي   جو  ڀاري   ٿي   پئي  پر،

رات   غمن جي  گذري  ويندي

                                     (س۔ع)

ڇو ته نيٺ ته صبح ٿيڻو آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.