ثاقب نثار جي آڊيو جو نوٽيس ڪير وٺندو؟

تحرير؛حاڪم نصيراڻي

اڄ مونکي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي تمام گهڻي ياد اچي ٿي۔ اوهان سوچيو پيا ان اڪير پويان ڪهڙو راز لڪل آھي؟ ان راز يا اڪير جو ذڪر اڳتي هلي ڪيون ٿا۔

خزان جي پڄاڻي کان پوءِ جيئن سياري جي موسم شروع ٿي هر ڪنهن مٽجندڙ موسم مطابق گرم ڪپڙا ڪڍي پائڻ شروع ڪيا تيئن اسلام آباد جي سياسي توڙي طاقتور ڌرين جي ايوانن ۾ گرما گرمي وڌندي پئي وڃي۔ نومبر مهيني ۾ هر نئون ڏينهن نئين اشو سان نمودار ٿيندو رهيو آھي۔ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جو ملتوي ٿي وري منعقد ٿيڻ ۽ وڏي هل هنگامي کان پوءِ مختلفن بلن جو پاس ٿيڻ، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي چارج چڏي ڪور ڪمانڊر ٿيڻ ۽ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي چارج وٺڻ سميت ملڪ ۾ گهڻيون ئي تبديليون ٿينديون رهيون آھن۔ خاص طور تي اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين المعروف شيطاني مشين ڄڻ ته ملڪ جي شعور کي جاڳائي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا تي ان مشين جي استعمال کان وٺي خرچن تائين جو وڏي واڪي ذڪر ٿيندو رهيو آھي۔ حڪومت ڏانهن نرم گوشو رکندڙ سماجي رابطن جي متحرڪ ماڻھن کان وٺي صحافي وزير مشير هن مشين جي جلون ۽ ڪرامتن جي اهڙي ته وڪالت ڪري رهيا آھن جو مون جهڙي ناسمجهھ ذھن ماڻھو سوچيو گذريل چونڊن ۾ ووٽ جي نالي تي اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو جو اهڙي ناياب ۽ ڪارآمد ووٽنگ مشين کان پري رکي اسان جو ووٽ چوري ٿيندو رهيو۔ هاڻي يقين جي لاٽ نظر پئي اچي ته اسان جو ووٽ چوري نه ٿيندو ۽ پنهنجي پسند جي اميدوار کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪنداسين۔ ان جي بدلي ۾ وري حڪومت مخالف ماڻھن ان ووٽنگ مشين کي شيطاني مشين ڪوٺي ايندڙ اليڪشن کان اڳ ڌانڌلي جو منصوبو قرار ڏيئي ڇڏيو آھي۔ مخالفن جي ڳالهين ۽ دليلن مان اهو تاثر ملي رهيو آھي ته هن دفعي به گندي ذھنن جو فتور صاف نه ٿيو آھي۔طاقتور ڌر چاهي ٿي ته ڪئين به ڪري هر دفعي جيان هن  ڀيري به نتيجا پنهنجي مرضي جا حاصل ڪيا وڃن۔ ڏسجي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اها ووٽنگ مشين استعمال ڪئي وڃي ٿي يا ائين ئي شوشو ڇڏي مهانگائي سميت اهم ملڪي ۽ غير ملڪي مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي۔

۔پاڪستان ۾ جتي مرد پنهنجي حاڪميت جو زور ۽ دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ  عورتن کي گجر موري جيان وڍيندا رهن ٿا اتي عاصمه جهانگير جهڙي حوا ڄائي جنم وٺي قانون ۽ انساني حقن جي بالادستي جي ڳالھه ڪري وقت جي وڏن آمرن کي للڪاريو۔ لاهور جي روڊن تي پوليس هٿان ور پٽرايا ۽ ڪپڙا ليرون لير ڪرائي به انهن سان مهاڏو اٽڪائي آڻ نه مڃي۔ پنهنجو بيباڪ رعبدار ڪردار ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي ملي سندس ياد ۾ وڪيل برادري طرفان هڪ عظيم و عاليشان سيمينار منقعد ڪيو ويو ۔ جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي مختلف سيشنز ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويو جن پنهنجي خيالن سان ويٺل مهمانن کي مستفيد ڪيو۔ هن سيمينار ۾ جتي هر ڪنهن پنهنجو وارو وڄايو اتي خاص طور تي ملڪ ۾ جن شخصيتن جي تقريرن جو تذڪرو هر خاص و عام جي زبان تي رهيو آھي انهن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عزت مآب گلزار خان صاحب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله صاحب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عدليه بحالي جي مک ڪردار پنهنجي جوش خطابت ۾ منفرد حيثيت رکندڙ ملڪ جي مشھور وڪيل علي احمد ڪرد اهم رهيا آھن۔ علي احمد ڪرد جي تقرير کي جتي پنڊال ۾ ويٺل نوجوان وڪيل برادري نعرن ۽ تاڙين جي گونج سان پسند ڪيو اتي  سوشل ميڊيا تي ھزارين حسرتون سانڍي خاموش ويٺل ماڻھن لائيڪ ڪمنٽ ۽ شيئر ڪري سندس ڳالهين جي تائيد ڪئي۔ اتي جسٽس اطهر من الله به سندس چيل جملن جي تائيد ڪري لکن ماڻھن جي دلين جي ترجماني ڪئي۔ چيف جسٽس صاحب پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالھه جو اعلان ڪيو ته  عدليه جا فيصلا ڪنهن جي چوڻ تي ناهن ٿيندا۔مون کان اڄ تائين ڪنهن به پنهنجي مرضي مطابق فيصلا وٺڻ جي ڳالھه نه ڪئي۔ مون جيڪي به فيصلا ڪيا اهي بغير ڪنهن ڊپ جي قانون مطابق ڪيا۔ چيف جسٽس جناب گلزار خان جي نيت ۽ فيصلن تي شڪ ڪرڻ نه گهرجي پر جسٽس فائز عيسي صاحب کي هلندڙ بينچ مان ڌار ڪيو ويو۔چيف جسٽس جي ان فيصلي تي اختلافي نوٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه لکيو هو ته چيف جسٽس کي اهو اختيار ناهي ته هو بينچ مان ڪنهن جج کي ڌار ڪري؟ ان جو جواب ته ڪو آئيني ۽ قانوني ماهر ڏيئي سگهي ٿو پر هڪ سٺي ۽ پرسڪون معاشري ۾ اختلاف راءِ رکڻ جو سڀ ڪنهن کي قانوني ۽ اخلاقي حق حاصل آھي۔ جسٽس منصور علي شاهه ڪراچي بار کي خطاب ڪندي تمام اهم ڳالھه ڪئي هئي ته جج جو ڪم ذاتي پسند ۽ ناپسند نه هجڻ گهرجي۔جج اهو نه ڏسي ته هن جي سامهون ڪير بيٺو آھي؟

جئين مون اڳ ئي لکيو ته هاڻوڪي چيف جسٽس صاحب جي نيت ۽ فيصلن تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي پر معزز ججز جو چولو پائي ڪجهھ اهڙا به جج گذريا جن کي تاريخ سٺن لفظن سان ياد نه ڪندي ڇو ته تاريخ ڪنهن کي بخش نه ڪيو آھي. مورخ جي قلم جي  نوڪ مان لکيل لفظ انسان جي جند ناهن ڇڏيندا۔ اهڙن ڪجهھ ججز جمهوريت تي راتاهو هڻندڙ آمرن کي نظريه ضرورت مطابق محفوظ رستو ڏنو ۽ انهي ساڳي ذھنيت رکندڙ ماڻھن ڪيترن ئي ضمير جي قيدين کي بنا ڪيس ۽ حاضري جي ڪال ڪوٺڙين ۾ واڙي رکيو ۽ وقت اچڻ تي ڪوڙن ڦٽڪن توڙي ڦاسي جون سزائون به ڏنيون۔ بعد ۾ انهن ججز پنهنجي غلطين جو اعتراف به ڪيو ۽قوم کان معافيون به ورتيون۔ جسٽس عبدالقيوم جون ڳالهيون جسٽس ارشد ملڪ جي ويڊيو جسٽس رانا شميم جو بيان حلفي جسٽس شوڪت صديقي جو بيان ۽ مٿان وري ڊيم جي چوڪيداري جو اعلان ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آيل آڊيو عدليه جي آزادي تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن۔ عام ماڻھو کي آڊيو جي سچي ۽ ڪوڙي جي خبر ناهي پر هن وقت عدليه جي خودمختياري جو سوال ضرور اٿيو آھي۔ جيستائين ان آڊيو جي فرانزڪ ٿئي تيستائين ماڻھن جي ذھنن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو ڦاهي تي ٽنگيل لاش ۽ ٻين به ڪيترن ئي بي ڏوهي مٽن مائٽن جا لاش نظر ايندا رهندا۔

مون شروع ۾ ذڪر ڪيو ته مونکي اڄ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ياد اچي ٿي، اها ياد ان ڪري اچي ٿي ته چوڌر صاحب هر مسئلي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو ماهر هوندو هو ۔ جيڪڏهن سائينجن اڄ هجن ها ته ثاقب نثار جي آڊيو خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي حال في الحال سخت پاري ۾ به گهڻن جا پگهر ڪڍي ڇڏي ها۔ هاڻي اهو وقت شايد اچي ويو آھي جو چيف جسٽس گلزار خان صاحب ثاقب نثار جي آڊيو تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڌرين کي پنهنجي آڏو بيهاري سچ ڪوڙ جو فيصلو ڪري سچن کي اعزاز سان نوازيو وڃي ۽ ڪوڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جئين آئنده ڪنهن کي جرئت ئي نه ٿئي جو مقدس عدليه جي وقار کي مجروح ڪري سگهي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.