ملير ۾ عراق مان آيل ٺڳجي ويو، 2 جوابدار گرفتار

ملير (ڊ ر)  عراق مان موڪلن تي آيل شهري سستا ڊالر وٺڻ جي چڪر ۾ ڦرجي ويو، اسٽيل ٽائون پوليس جعلي ڊالر جي فراڊ ۾ ملوث ٻن ملزمن کي گرفتار ڪري ورتو، فهد اسلام جي مدعيت ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مان عراق ۾ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهيان، 19 نومبر تي انور چانڊيو پنهنجي ڊرائيور سان گڏ سفيد رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ ڪمرشل مارڪيٽ مڪي مدني گلشن حديد سامهون روڊ تي آيو ۽ مونکي ڪار ۾ ويهاري ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 50/50 ڊالر جا 2 اصل نوٽ مونکي ڏنا، مقرر وقت ٿيلهي ۾ موجود 50 لک روپين جي رقم انور چانڊيو جي حوالي ڪئي، ڪار ۾ پويان ويٺل شخص ٻاهر نڪري منهنجي ڀر ۾ بيٺو ۽ انور چانڊيو مونکي هڪ شاپر ڏني مان اها ٿيلهي کولي چيڪ ڪيم ته 50/50 ڊالر جي نوٽن جا 3 پيڪيٽ هئا جنهن تي مون انور چانڊيو کي چيو ته توهان سان منهنجي ڳالهه 30 هزار ڊالرن جي ٿيل هئي، مون اوهان کي 50 لک روپيه ڏنا آهن اوهان مونکي 30 هزار ڊالر بجاءِ 15 هزار ڊالر ڏنا آهن. انور چانڊيو ان جو ڊرائيور ۽ برڪا پوش عورت ڪار ۾ فرار ٿي ويا، پوليس رجب علي پٽ سانوڻ ٻئي محبوب علي پٽ شادي خان جوکيو گرفتار ڪري ويتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.