بلغاريا ۾ حادثو، بس کي باهه، 12 ٻارن سميت 45 ڄڻا فوت

اسڪوپيا(م ڊ) يورپي ملڪ بلغاريا جي هاءِ وي تي سياحن کي کڻي ويندڙ بس حادثي جو شڪار، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ٻارن سميت 45 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب بس ۾ سوار ماڻهو ترڪي گهمڻ بعد استنبول  شهر مان واپس مقدونيا جي شهر اسڪوپيا وڃِي رهيا هئا ته بلغاريا جي راڄڌاني صوفيا کان 30 ڪلو ميٽر پري اسٽروما هاءِ وي تي سندن بس حادثي جو شڪار ٿي وئي، بس کي روڊ ڀرسان بيريئر سان ٽڪرائجڻ بعد باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ٻارن سميت 45 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 مسافر بس جا شيشا ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، حادثي کي بلڪان جي رياستن جي تاريخ جو بدترين حادثو قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.