خرم دستگير جي گهر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار

گوجرانوالا(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خرم دستگير جي گهر تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ جي گهر تي فائرنگ جي جوابدار ياسر کي پشاور مان گرفتار ڪيو ويو آهي. 11 آڪٽوبر جي رات گوجرانوالا ۾ خرم دستگير جي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي. اڳوڻي وفاقي وزير جي گهر تي فائرنگ جو ڪيس نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.