مداحن کانپوءِ شاداب به ڏاهاڻي کي ٽيم جو پرڏيهي وزير چئي ڇڏيو

ڍاڪا( اسپورٽس نيوز) مداحن کان پوءِ ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان بنگلاديش خلاف ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻيکي ٽيم جو پرڏيهي وزير قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ شاداب خان ٽوئيٽر تي ٽيم جي تصوير سان گڏ هڪ پيغام لکيو، هن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته بنگلاديش ۽ سڀني مداحن جا بهترين ميزبان بڻجڻ تي ٿورا، جن اسان کي گهر وانگر محسوس ڪرايو. هن لکيو ته اهو تجربو شاندار رهيو، جڏهن ته شاداب، ڏاهاڻي کي مينشن ڪندي چيو ته اسان جي ٽيم جي پرڏيهي وزير کي ڊيبيو تي مبارڪ هجي. شاداب جي ٽوئيٽ تي شاهنواز  ڏاهاڻي سندس ٿورا مڃيا ۽ پڇيو ته اهو پرڏيهي وزير جو ڇا سين آهي؟ جنهن تي شاداب وضاحت ڏيندي چيو ته جيئن توهان هر جاءِ تي ٽيم جي نمائندگي ڪئي ۽ عالمي ڪرڪيٽرن ۽ ٽيمن سان اسپورٽس مين اسپرٽ ڏيکاريو آهي ته توهان اسان جي دلين جا پرڏيهي وزير آهيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.