بجلي لاءِ احتجاج ڪندڙ لياري واسين تي ڪي اليڪٽرڪ جي گارڊن جي فائرنگ، 2 ٻارڙا زخمي

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي قديمي علائقي لياري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪرڻ به ڏوھ بڻجي ويو، احتجاج ڪندڙن تي ڪي اليڪٽرڪ جي سيڪيورٽي گارڊن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ، 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، ڪالهه لياري ٽائون ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، جيڪي احتجاج ڪندا موسيٰ لين ۾ ڪي اليڪٽرڪ آفيس طرف وڌيا ته ڪي اليڪٽرڪ جي سيڪيورٽي گارڊن مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي اهڙي عمل تي لياري عوامي محاذ جي عبدالخالق زدران، زاهد بارڪزئي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران بل جو بهانو ٺاهي لياري ٽينري روڊ تي 6 ٽرانسفارمر بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب گل محمد لين، شاھ بيگ لين، ڪلري، دبئي چوڪ رانگيواڙا جا رهواسي بجلي جي سهولت کان محروم ٿي ويا، رهواسين پهرين پنهنجن علائقن ۾ روڊ رستا بند ڪري احتجاج ڪيو پر ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي ڪن تي جون نه چري جنهن کانپوءِ هنن ڪي اليڪٽرڪ آفيس موسيٰ لين طرف رخ اختيار ڪري احتجاج ڪيو ويو ته اتي موجود سيڪيورٽي گارڊن فائرنگ ڪري ڏني، هنن مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت لياري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، لياري واسين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي، هنن چتاءِ ڏنو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ٻي طرف انصاف لائير فورم سنڌ جي نائب صدر ايڊوڪيٽ انور ميمڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران 107 ٽرانسفارمر لاهڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، لياري واسي بل ادا ڪري رهيا آهن ڪجهه ماڻهون بل نه ٿا ڀرن ته انهن جي سزا ٻين کي نه ڏني وڃي، ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو قبلو درست ڪري وزيراعظم عمران خان ڪي اليڪٽرڪ جي غنڊا گردي جو نوٽيس وٺي، پاڪستان پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ سائوٿ جي صدر خليل ھوت چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب ڪي اليڪٽرڪ بي لغام ٿي چڪي آهي، لياري واسين ڏانهن ڳرا بل موڪلڻ بند ڪيا وڃن، جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته اسان لياري جي عوام گڏ آهيون ۽ ٻيهر پوري لياري سميت اولڊ سٽي ايريا روڊ بند ڪيا ويندا ۽ ڪي اليڪٽرڪ آفيس جو گھيراءُ ڪيو ويندو، گارڊن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٻارڙن فاروق ۽ غفار کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ سائوٿ جي صدر خليل ھوت سول اسپتال پهچي زخمي ٿيل ٻارڙن جي عيادت ڪئي ۽ سول اسپتال ٽراما سينٽر انتظاميا کي بهتر علاج لاءِ خاص هدايتون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.