قصور ۾ قيد ٻن عورتن تي اڻ لاڳاپيل عورت جو تشدد

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته قصور ٿاڻي ۾ عورتن تي تشدد قابل مذمت فعل آهي. انساني حقن واري وزارت ڊي پي او سان ڳالهه ڪئي آهي، شروعاتي جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ ايس ايڇ او ٻڌايو ته انسپڪٽر پوليس حيدر جي آفيس ۾ تشدد ٿيو. اڱاري جي ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان پينل ڪوڊ 292/504/509 ۽ 155 سي پي او 2002 تحت انسپڪٽر پوليس حيدر، تشدد ڪرڻ واري پرائيويٽ عورت ۽ ليڊي ڪانسٽيبل خلاف ڪيس داخل ٿي ويو جڏهن ته انسپڪٽر ۽ ڪانسٽيبل کي معطل ڪري ڇڏيو آهي،وڊيو ۾ هڪ نجي عورت قيد ٻن عورتن  کي فرش تي ليٽائي جوتا وسائي رهي آهي ۽ سندن وار ڇڪي رهي آهي، پوليس تشدد ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.