هڪ پاسي باهه، ٻئي طرف ڀت، وڪيلن وارن کان گهليو: ليليٰ پروين

ڪراچي( م ڊ) ملير ڪورٽ ۾ وڪيلن جي تشدد جو شڪار پي ٽي آءِ اڳواڻ ليليٰ پروين چيو آهي ته مٿس تشدد جو منصوبوسندس اڳوڻي مڙس بڻايو. هن بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف ڀت هئي ته ٻئي طرف وڪيلن جو گهيرو هو. اسان پاڻ بچائڻ لاءِ ٻي عدالت جي ڪمري ۾ هليا وياسين ته اتي به وڪيل اچي ويا. هن چيو ته وڪيلن وارن کان گهليو. ليليٰ پروين چيو ته عورت جو به خيال نه ڪيو ويو، ڪاري ڪوٽ هيٺان لڪايل هٿيار ڏيکاري هيسايو ويو. هن چيو ته اڳوڻي مڙس منصوبابندي ڪري تشدد ڪرايو، لتون ۽ مڪون به هنيون ويون. ڪاري ڪوٽ هيٺان لڪايل هٿيار ڏيکاري هيسايو ويو. هوڏانهن  ملير بار جي صدر لطف الله سيلرو جو چوڻ آهي ته هن واقعي تي وڪيلن جي خواري ٿي آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث وڪيلن جا لائسنس ختم ٿيڻ گهرجي. بي بي سي موجب ليليٰ پروين جي اڳوڻي مڙس جو چوڻ آهي ته ليليٰ پروين پاڻ ڪارا ڪوٽ پهريل ماڻهو آڻي ڊرامو ڪيو، مان حراست ۾ هئس . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.