اسان وٽ ايترو پئسو ناهي ته ملڪ هلائي سگهون، قرض چاڙهيندڙن کي سزا ملڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ حڪمران اشرافيا ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي وڌڻ نه ڏنو، اڳوڻن حڪمرانن 10 سالن ۾ ملڪ تي قرض 6 هزار ارب رپين مان 30 هزار ارب رپين تائين پهچائي ڇڏيو، ملڪ تي قرض چاڙهيندڙن کي سزائون ملڻ گهرجن، ٽيڪس وصولي ۾ اضافو حڪومت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، اڳوڻا حڪمران ٻاهرئين دورن تي عوام جو پئسو بيدردي سان خرچ ڪندا رهيا، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مالياتي معاملن ۾ شفافيت جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪندڙن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ فاصلا ختم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس وصولي وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مالياتي معاملن ۾ شفافيت جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ان کان اڳ ٽوبيڪو انڊسٽري ۾ اهو سسٽم لاڳو ڪيو هو هاڻي شگر انڊسٽري، پوءِ سيمنٽ، ڀاڻ ۽ اسٽيل انڊسٽري ۾ پڻ اهو لاڳو ٿيندو، اها هڪ تمام مثبت اڳڀرائي آهي دنيا ۾ ماڻهو فراخدلي سان ٽيڪس ڏين ٿا پر پاڪستان ۾ ٽيڪس ڪلچر وڌي نه سگهيو، ٽيڪس چوري کي غلط نه پئي سمجهيو ويو، ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هتي نئين آبادياتي نظام رهيو ته ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ کان پاسو ڪندا هئا، ماڻهن کي جڏهن اهو يقين هجي ته انهن جو ڏنل ٽيڪس انهن تي ئي خرچ ٿيندو ته انهن جو موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي، آزادي کانپوءِ اسان جي حڪمران اشرافيا ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي وڌڻ نه ڏنو، انهن جي شاهاڻي طرز زندگي هئي ۽ ماڻهن جي ٽيڪس جو پئسو اهي پاڻ مٿان خرچ ڪندا هئا ۽ ماڻهو به اهو سمجهندا هئا ته انهن کي عوام جو ڪو احساس نه آهي، انهي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ نه مليو، ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪس چوري جو ڪير سوچي به نه ٿو سگهي. هن چيو ته ڪو وڏو منصوبو، ڪو ڊيم ۽ بنيادي ڍانچي جو ڪو منصوبو شروع نه ڪيو ويو جنهن سان ملڪ جي آمدني ۾ اضافو ٿئي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.