پي ڊي ايم جو استعيفائن ۽ لانگ مارچ تي اتفاق، 6 ڊسمبر تي حتمي فيصلو

اسلام آباد( م ڊ) پي ڊي ايم 17 نومبر تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي جي پوري عمل کي رد ڪندي ايندڙ سال نين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ 33 قانون پاس ڪرڻ پارلياماني پريڪٽس سان وڏو مذاق آهي. پارليمينٽ جي تاريخ ۾ اهڙو مذاق ڪڏهن نه ٿيو آهي. موجوده قانونسازي وسيلي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي وار ڪيو ويو آهي. اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم جو مطالبو آزاد ۽ خودمختيار ڪميشن جو آهي، پر اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي گهٽائڻ ڪنهن صورت ۾ قبول ناهي ۽ اها آئين  سان ٽڪراءُ ۾ قانونسازي آهي. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جي حق جي ڳالهه جنهن بڇڙي نموني ڪئي آهي، اسان کين پيغام ٿا ڏيون ته هن جعلي حڪومت جي دوکي ۾ نه اچن، اسان اوورسيز پاڪستانين کي ملڪ جو اثاثو سمجهون ٿا، پي ڊي ايم فيصلو ڪيو آهي ته ان معاملي ۾ قانون ۽ آئين جي روشني ۾ ڪم ڪنداسين . مولانا فضل الرحمان چيو ته ن ليگ خلاف ماضي ۾ جيڪي عدالتي فيصلا آيا جن وسيلي کين نااهل قرار ڏنو ويو، محترم ججن جي ماضي جا بيان ۽ تازو ئي رانا شميم جو بيان حلفي ۽ ثاقب نثار جي آڊيو ليڪ سامهون آهن، اسان عدالت جو احترام ڪيو ۽ ججن کي اکين تي ويهاريو پر سندن پنهنجي گهر جي گواهيون ۽ عدليه جي آزادي تي جيڪي آواز اٿيا آهن انهن کي پنهنجي ڪردار سان پراڻو مقام بحال ڪرڻو پوندو. هڪ چونڊيل وزيراعظم خلاف جيڪي سازشون سامهون آيون آهن اهي ملڪ ۽ جمهوري نظام خلاف آهن ڪنهن فرد خلاف ناهن . هن وڌيڪ چيو ته هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف جي شاخ بڻايو ويو آهي. حالتن کي سنجيدگي سان ڏسون پيا. تفصيلي بحث ٿيو، پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 6 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٻيهر ٿيندو، ان کان اڳ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون مشاورت بعد تجويزون ڏينديون، جيڪي 6 ڊسمبر تي اجلاس ۾ پيش ٿينديون پوءِ حتمي پاليسي ۽ اهم اعلان ڪيا ويندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.