آءِ ايم ايف ڊيل سان مهانگائي اڃا وڌندي: لياقت بلوچ

لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي قائمقام امير لياقت بلوچ چيو آهي ته ڪرپشن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي طوفان 22 ڪروڙ عوام جي زندگي اجاڙي ڇڏي آهي عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ۽ سندس ٽيم مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. تبديلي ۽ مديني جي رياست جون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون. ٽن سالن ۾ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ به قدم نه کنيو آهي. پي ٽي آءِ پاران متعارف ڪرايل چونڊ سڌارن کي ايندڙ چونڊن ۾ بلڊوز ڪرڻ جو منصوبو آهي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرايون ويون ته وڌيڪ بحران پيدا ٿيندو،هن چيو ته حڪومت لاءِ وقت اچي ويو آهي ته هو مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺي ۽ چونڊ سڌارن لاءِ سياسي پارٽين سان ڳالهيون شروع ڪري. حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايندڙ قسط کي بحال ڪرڻ لاءِ سڀ شرط قبول ڪيا ويا آهن جنهن سان مهانگائي وڌيڪ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.