ناظم جوکيو ڪيس ۾ نئين جوڙيل ٽيم پاران نئين سر جاچ شروع

ملير (ڊ ر) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نئين جوڙيل ٽي رڪني جاچ ٽيم پاران ايڊيشنل آءِ جي تنوير عالم اوڍو، ڊي ايس پي غلام علي جماڻي ۽ انسپيڪٽر سراج احمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ قتل ڪيس جي جاچ نئين سر شروع ڪري ڇڏي، جاچ ٽيم پهرين مرحلي ۾ ناظم جوکيو جي ڳوٺ آچار سالار ويجهو ان هنڌ جو معائنو ڪيو جتي ناظم جوکيو پاران ويڊيو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جاچ ٽيم مقتول جي گهر پهچي سندس گهرواري شيرين جوکيو، فريادي افضل جوکيو، سئوٽ علي شان جوکيو ۽ ڪيس جي شاهد وڪيل مظهر جوڻيجو کان بيان ورتا، جنهن کانپوءِ جاچ ٽيم ميمڻ ڳوٺ لڳ ڄام ڳوٺ پهچي ناظم جوکيو مٿان تشدد واري هنڌ سميت مختلف هنڌن جو معائنو ڪري ضروري معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي جاچ ٽيم صحافين کي پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي ۽ شفاف جاچ رپورٽ جوڙي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.