گهوٽڪي: 3 پورهيت لاپتا، پوليس وٽ هجڻ جا چئوٻول

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ فريد لکڻ واسي 3 پورهيت لاپتا ٿي ويا وارث پريشان اغوا جو شڪ، پوليس وٽ هجڻ جا چئوٻول، خبرموجب سرحد ڀرسان ڳوٺ فريد لکڻ واسي 3 پورهيت جمال لکڻ، عبدالڪريم لکڻ ۽ نوجوان نديم ميراڻي مبينه طور لاپتا ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾ مغوين جي وارثن بوهڙ لکڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جمال لکڻ عبدالڪريم لکڻ ۽ نديم ميراڻي ميرپورماٿيلو ويل هئا ته واپس ناهن موٽيا هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسانکي خدشو آھي ته کين اغوا ڪري گم ڪيو ويو آھي، هنن اعلى اختيارين کي نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي، هوڏانهن علائقي ۾ چئوٻول آھن ته ٽنهي ڄڻن کي پوليس کنڀي وئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.