ڪانها ڪمار قتل: جوابدارن پاران ڏوهه جو اعتراف

خيرپور ( س ر) چار ڏينهن اڳ ٻٻرلوءِ شهر ۾ قتل ٿي ويل ڪانها ڪمار جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل ٻن جوابدارن انعام شاه ۽ مدثر منڱڻهار کي ٻٻرلوءِ پوليس خيرپور جي  ٿرڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جوابدار 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڏوهه جو اعتراف ڪيو،جنهن بعد ٻنهي جوابدارن کي سخت پهري ۾ ٻٻرلوءِ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو،ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي پوليس ٻنهي جوابدارن کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو هو، هوڏانهن خيرپور جي ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ سماجي اڳواڻ آفتاب احمد شيخ چيو آھي ته ٻٻرلوء ۾ هندو نينگر ڪانها ڪمار کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي تي انسانيت جو سر شرم کان ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.