سنڌ جون نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهن: معظم عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم علي خان عباسي شهر جي الهه آباد پاڙي ۾ پورهيت اڳواڻ عبدالعزيز عباسي جي لاڏاڻي تي سندس وارثن، شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ جنگيخان مغيري سان سندس امڙ، عمران شاهه سان سندس ڀاڻيجي ۽ ليبر ڪالوني ۾ ممتاز بروهي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي بعد ۾ هن شهرين طرفان ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي معظم علي خان عباسي چيو ته سنڌ جون نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهن پر سنڌ حڪومت جا وزير ۽ مشير بي اختيار ۽ شو پيس بڻيل آهن جن کي عوام جي ڪا ئي به پرواهه ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ادارن ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نه پيو ٿئي وڏي ڳالهه آهي ته جن ماڻهن جا جائز ڪم آهن اهي به ڪم نه پيا ٿين. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن لاءِ آيل رقم سياسي منشي هڙپ ڪري رهيا آهن ۽ نيب مان ضمانتون ڪرائي آزاديءَ سان ڪرپشن ۾ مصروف آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.