دودي ڀيل جي خون جو سودو ٿرين سان ويساهه گهاتي آهي:شاهنواز هنڱورجو

مٺي: قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ وڪيل شاهنواز هنگورجو جاري ڪيل پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته دودي ڀيل جي خون جو سودو ٿرين سان ويساهه گهاتي آهي،  ٿر جي مسڪين پورهيت عوام وڏي جدوجهد ڪري دودي جي قاتلن کي جيل جي سلاخن پويان واڙيو،انهي جدوجهد جي ڪري عوام ۾ ويساھ پيدا ٿيو طاقتورن ڌرين کي جهڪايو پر افسوس ڪجهه ماڻهن ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل دودن جي لاشن جا سودا ڪري پئسا ورتا، قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ۽ گهر ٿي ڪري هن ڪيس ۾ اعليٰ عدالتون ٺاهه قبول نه ڪن جوابدارن کي منطقي انجام تي پهچايو وڃي، دودي جي گهرواري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ کي دودي ڀيل جي رت سودو ڪرڻ نه ڏينداسين: پ پ ٿرپاڪر

مٺي :  پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن کي دودي ڀيل جي خون جو سودو هرگز ڪرڻ نه ڏينداسين،پي ٽي آءِ وارن جي مجرما نه خاموشي مان ثابت ٿي ويو آهي ته دودي ڀيل جي وارثن تي دٻاءُ وجهي خون جي سودي جي ڪوشش ڪرائڻ ۾ پي ٽي آءِ وارن جو هٿ آهي،سودي ڪرائڻ ۾ جيڪي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ملوث هوندا انهن کي جلد عوام جي آڏو ثبوتن سان وائکو ڪيو ويندو

دباءُ ۾ اچي ڪيس نه ڇڏبو: وڪيل وسند ٿري

مٺي: وڪيل وسند ٿري عوامي آواز جي رابطي تي ٻُڌايو آهي ته وڪالت منهنجو پروفيشن آهي، جيڪو آئون  ڪنهن جي به پريشر ۾ اچي اِهو ڪم يا ڪيس ڇڏي نه ٿو سگهان، ياد رهي ته دودي ڀيل جو ڪيس هاءِ پروفائيل بڻيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، جنهن بعد سنڌ حڪومت ٽي رُڪني وزارتي ڪميٽي جوڙي، جيڪا ڪميٽي صوبائي وزير امتياز شيخ، سردار شاهه ۽ تيمور ٽالپر تي شامل هئي، ڪميٽي ڳوٺ پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت دودي ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ ٻن زخمي پورهيتن کي 50-50 لک ڏنا

  • مقتول دودي ڀيل جي وارثن کي آسرن تي راضي ڪرڻ جو انڪشاف

مٺي(رپورٽ: غازي بجير)دودي ڪيس،وارثن کي ٺلن آسرن تي راضي ڪرڻ جو انڪشاف، دوکي جي پلاننگ، معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ ۾ وڏا هٿ شامل، ڊيل ڪرائيندڙ وائکا نه ٿيا، ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪجهه مهينا اڳ ۾سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت ڳوٺ ابن تڙ واسي دودو ڀيل واري ڪيس کي ٺلن آسرن عيوض اٻوجهه وارثن کي راضي ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، هاءِ پروفائيل ڪيس بابت ٿيل ٺاهه واريون ڳالهيون ڪٿي به لکت سامهون ناهن آيون نه ئي وري ٿيندڙ ٺاهه جا تفصيل منظرعام تي آنڌا ويا آهن، مليل رپورٽن موجب ته دودي ڀيل جي اٻوجهه وارثن سان اندروني طور هڪ وڏو دوکو ٿيڻ جي پلاننگ جوڙي پئي وڃي، دودي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ باقي ٺاھ ڪرائيندڙن کي به الڳ وڏي رقم ڏني ويندي، اُنهي رقم جو اندازن ڪاٿو 60 لک تائين ٻُڌايو ٿو وڃي، بنا لکت جي ڪيل ٺاهه بابت ڪي به معاملا عدالت ۾ سامهون نه آندا ويندا، سيڪيورٽي ڪمانڊوز هٿان تشدد بعد فوت ٿيل ڳوٺ ابن تڙ واسي پورهيت دودو ڀيل ڪيس واري ٺاهه ڪرڻ جا راز پڌرا ٿيڻ بعد معاملو زير بحث بڻيل آهي، جڏهن ته اينگرو ڪمپني پاران مُک جوابدار ڪمانڊر ڪاشف رضا سميت ٻين کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ توڙي لاتعلقي ظاهر ڪرڻ بعد سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته دودي ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ روپيا ۽ گهرواري کي تاحيات پگهار سميت ست نوڪريون ڪير ڏيندو دودي ڀيل جي ڀاءُ عالم چند ڀيل چيو آهي ته اسان جو ڪيس وڪيل وسند ٿري مفت ۾ وڙهي رهيو آهي، جنهن اسان کان اڄ ڏينهن تائين هڪ روپيو به ناهي ورتو ۽ نه وري اسان جي ٺاھ وارين ڳالهين ۾ هُو شامل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.