سردار پنهنجي برادرين ۽ سنڌ سان سچا ناهن: سردار اختيار الرو

پيرجوڳوٺ(رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيپلز پارٽي اڳواڻ چيف سردار اختيار علي خان الرو پاران عوامي آواز طرفان سردار نظام جي خاتمي خلاف واري مھم جو حصو بڻجي اعلان ڪندي چيو آھي ته روزاني عوامي آواز ۽ ٻئي سنڌي ميڊيا پاران سردار نظام جي خاتمي واري اعلان تي مونکي خوشي ٿي آھي ڇوته ڪيترائي برادرين جا سردار اھڙا آھن جيڪي نجي جيلن سميت ٻين ڏاڍ مڙسي واري ڪم ۾ مصروف آھن جيڪڏهن سردار پنهنجي برادرين سان توڙي سنڌ سان سچا هجن ته ڪڏهن برادري تڪرار يا ڏوھاري پيدا نه ٿيندا انھيءَ لاءِ سردارن سان گڏ پوليس جي اعلي عملدارن کي پڻ ايماندار ٿيڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.