ٽَي مهينا اهم آهن، اڃان ڪيتريون ئي آڊيوز ۽ وڊيوز اينديون: منظور وساڻ

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي صلاڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ايندڙ 3 مهينا تمام اهم آهن، نواز شريف واپس به اچي سگهي ٿو، منظور وساڻ چيو آهي ته حالتون خراب آهن ۽ اڳتي هلي وڌيڪ خراب ٿينديون، ٽن سالن کان جيڪا کچڻِي پچي پئي، اها اڳتي هلي ڪنهن نتيجي تي پهچندي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري نيب انڪوائري ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ نيب انڪوائري بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، جنهن دوران منظور وساڻ ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان چيو هو ته منظور وساڻ خلاف انڪوائري بند ڪري ڇڏي آهي، ان بابت رپورٽ ڇو نه جمع ڪرائي وئي، نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته هاڻي هي معاملو سکر جي عدالت ۾ آهي، رپورٽ به اتي جمع ڪرائي ويندي، عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي نيب انڪوائري بابت رپورٽ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کي به طلب ڪري ورتو آهي،.ٻڌڻي 24 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري چڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.