ميڊيڪل ٽيسٽ جو ٺيڪو اين ٽي ايس کي ڇو؟ جواب لاءِ سنڌ سرڪار پاران مهلت طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ ۾ اين ٽي ايس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جواب لاءِ مهلت گهري ورتي آھي، عدالت ۾ سنڌ ٽيسٽنگ سروس ميڊيڪل ٽيسٽ جو ٺيڪو اين ٽي ايس کي ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اين ٽي ايس کي ميرٽ تي تحت ٺيڪو نه ڏنو ويو، ميڊيڪل ٽيسٽ واري ٺيڪي لاءِ ايس ٽي ايس طرفان 149 رُپيا في اُميدوار جا واڪ ڏنا ويا، اين ٽي ايس وري 200 رُپيا في اُميدوار جي حساب سان واڪ ڏنا، گهٽ واڪ ڏيڻ باوجود ٺيڪو ايس ٽي ايس کي نه ڏنو ويو، عدالت سنڌ حڪومت کي جواب لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.