سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي وڌي، ڪارروائي ڪئي ته سندن رڙيون آسمان کي ڇهنديون: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ ن پاران وڊيوز جاري ڪرڻ جو واحد مقصد عدليه کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي ۽ اميد آهي ته عدليه ان دٻاءُ کي رد ڪندي، وفاقي ڪابينا جلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جنهن طريقي سان اهي سموريون وڊيوز جعلي ثابت ٿيون، ان تي فارنزڪ ڊپارٽمينٽ جي ساراهه نه ڪرڻ زيادتي هوندي، هن چيو ته اهي مهم هلائي سمجهن پيا ته فوج جا جنرل دٻاءُ ۾ اچي ويندا، جڏهن ڪيس هلڻ شروع ٿيندا آهن ته ان طرح جي مهم هلائي ويندي آهي ته شايد جج دٻاءُ ۾ اچي وڃن، هن چيو ته مريم نواز جو رويو هميشه منفي رهيو آهي هن جعلي ليڪس تيار ڪرڻ لاءِ ٽيمون ٺاهيون آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن پارٽي ان طرح جون حرڪتون نه ڪيون هونديون، هن چي ته پورو هفتو سيمينار جو سلسلو منعقد ڪيو ويو، پهرين لاهور ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ هڪ سيمينار ڪيو ويو، ٻئي سيمينار غيرملڪي فنڊنگ سان ڪيا ويا، ڪابينا اجلاس ۾ شيرين مزاري پرڏيهي آفيس کان مطالبو ڪيو آهي ته ان فنڊنگ جي ڊونرز کان ويانا ڪنوينشن جي سيڪشن 41 تحت ڳالهايو وڃي، هن چيو ته ڪابينا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن سان ڳالهائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ته ان ڳالهه جو تعين ڪري سگهجي ته اليڪشن منعقد ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون مشينون گهربل آهن، ڪيترو خرچ ايندو ، هن چيو ته اها ڳالهه لازمي آهي ته ايندڙ چونڊون لازمي طور تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحت ٿينديون، ان سان گڏوگڏ 90 لک سمنڊپار پاڪستاني به ووٽ وجهندا، هن چيو ته کنڊ جو اگهه هن وقت 90 کان 95 رپيا ڪلو آهي ايندڙ 10،15 ڏينهن ۾ اهو اگهه 85 رپين تائين اچي ويندو، جڏهن اگهه وڌندا آهن ته ميڊيا تي هيڊلائن لڳي ويندي آهي جڏهن گهٽ ٿيندي آهي ته ماڻهن کي لڳندو آهي ته ڪجهه ناهي ٿيو، هن چيو ته اسان کي سڀ کان وڏو مسئلو سنڌ خاص طور ڪراچي مان اچي رهيو آهي، 18هين ترميم کانپوءِ مسئلو اهو آهي ته وفاقي سرڪار پاليسي ئي بڻائي سگهي ٿي، ان تي عمل صوبن کي ڪرڻو آهي، جڏهن اسان سنڌ کي چئون ٿا ته توهان ڪڻڪ جاري ڪريو ته اهي ڪڻڪ جاري نٿا ڪن، کنڊ جاري نٿا ڪن، بدقسمتي سان ڪراچي ۾ پوري پاڪستان کان وڌيڪ قيمتون آهن، لاهور ۾ 20 ڪلو اٽو 1100رپين ۾ ملي رهيو آهي اهو ئي بيگ ڪراچي ۾ 1441 رپين جو ملي رهيو آهي، کنڊ جو اگهه به اتي وڌيڪ آهي،هن چيو ته سنڌ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري ڇو ته اسان جي ڪارروائي کانپوءِ جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي آهي، سنڌ حڪومت ڪارروائي نٿي ڪري ته پوءِ اسان کي ڪرڻي پوندي ۽ انهن جون رڙيون آسمان تي وينديون،سنڌ سرڪار جي هٺ ڌرمي ۽ نااهلي سبب مهانگائي ۾ واڌ ٿي، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽو، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ مهانگائي کي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ڪابينا اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي پئڪيج تي بريفنگ ڏني آهي،

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پي ٽي آءِ اڳواڻ غوث علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ وزيراعظم سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.