ايف 16 ڪيرائڻ جي دعويٰ رد، پائلٽ کي ايوارڊ بي عزتي مٽائڻ آهي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي ڀارت طرفان فيبروري 2019 ۾ پاڪستان جو ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ بي بنياد آهي، ڀارتي پائلٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ ۽ ذلت مِٽائڻ آهي. ترجمان موجب عالمي ماهرن ۽ آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي هئي ته ان ڏينهن ڪو ايف 16 جهاز نه ڪيرايو ويو، عالمي ۽ آمريڪي ماهرن جهازن جي انگ جو جائزو وٺي جهاز نه ڪيرائڻ جي تصديق ڪئي، تنهن ڪري ڀارتي پائلٽ کي اعزاز سان نوازڻ فوجي ڪنڊڪٽ ۽ قدرن جي ابتڙ آهي ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائلٽ کي اعزاز ڏيڻ پاڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جهڙو آهي. هوڏانهن  سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ڀارتي فضائيا جي پائلٽ اڀي نندن کي ڏنل اعزاز کي ڪاميڊي فلم جي هڪ سين جي شوٽنگ قرار ڏئي ڇڏيو. وفاقي وزير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اڀي نندن ان ايوارڊ کي وصول ڪندي سوچيندو هوندو ته مان ڇا ڪيو؟ 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.