مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان، بجلي ۽ پيٽروليم ليوي وڌائينداسين: شوڪت ترين

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته مهانگائي تمام وڌيڪ آهي، چاهيون ٿا ته عام ماڻهو تي وڌيڪ بار نه پوي، ٽيڪس ريٽ وڌائڻ سان مارڪيٽ تي دٻاءُ پوندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪرڻو پوندو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف کي هن وقت دٻاءُ وڌائڻ جو موقعو مليو آهي، چيو ويو ته سيلز ٽيڪس جي ريٽ کي يونيفارم ڪري 17 سيڪڙو تائين آڻيو، لگزري آئٽم تي اضافي ڊيوٽي لڳائڻ جو سوچي رهيا آهيون، ايندڙ مهيني تائين مني بجيٽ آڻينداسين، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته بجلي اگهه 4 رپيا يونٽ وڌايو وڃي،بجلي اگهه ۾ هڪ رپيو 68 پئسا واڌ ڪري رهيا آهيون،آءِ ايم ايف کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي مقرري ڪابينا ڪندي، مهانگائي کي هيٺ لاهڻ تائين ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام نه ايندو، ايڪسچينج ريٽ ڪرڻ سان مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، 700 ارب جي ٽيڪسيشن جي ڳالهه ٿي مون انهن کي 3 ارب تائين آندو آهي، عالمي منڊي ۾ قيمت گهٽ ٿيڻ تي پيٽروليم ليوي وڌائينداسين، جڏهن ڊالر 152 رپين جو هو ته اسان کي ان وقت ڊالر خريد ڪرڻ گهرجن ها، آءِ ايم ايف جا شرط مشڪل هئا، ڊسڪائونٽ ريٽ سوا 13 سيڪڙو ڪرڻ منهنجي ويجهو زيادتي هئي، هن چيو ته ماڻهو زمين رکن ٿا پر ٽيڪس نٿا ڏين، ماڻهن جي اثاثن جو جائزو وٺي انهن جي اصل قيمت جي حساب سان ٽيڪس لڳائينداسين،حڪومتي قدمن سان ٽيڪس ۾ اضافو ٿيندو، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان هراسمينٽ جو اشو ختم ٿي ويندو، هن چيو ته ريلوي، پاڪستان اسٽيل مل سميت ڪيترين ئي انٽرپرائزز جي نجڪاري ڪنداسين، ڪجهه عرصي ۾ گئس جا ڪجهه ڪارگو وٺڻ گهرجن ها،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.