روز نين وڊيوز سان ادارن تان اعتماد کڄي رهيو آهي: راشد محمود

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جميعت علماءِ اسلام طرفان 27 نومبر تي شهيد ڊاڪٽر علامه خالد محمود سومرو جي ياد ۾ رٿيل شهيد اسلام ڪانفرنس سان تياريون جاري آهن. ان سلسلي ۾ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ محبت علي کهڙو لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن جا دورا ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو چيو ته 27 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ شهيد اسلام قومي ڪانفرنس تاريخ ساز قومي ڪانفرنس جمهوريت جي ضمانت، امن و امان ۽ ملڪي ترقي ۽ معاشي خوشحاليءَ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي. هن چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ۽ رانا شميم جي حلف نامي واري بيان جي وضاحت ججن ۽ عدليه کي ڪرڻ گھرجي اھڙا انڪشافات عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمرانيءَ تي سواليه نشان آھي. هن چيو ته جعلي سرڪار سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بدنام ۽ پاڪستان جو وقار مجروح ڪيو آهي. نيون نيون ويڊيو منظر عام تي اچڻ جي ڪري عام ماڻھوءَ جو ادارن تان اعتماد ختم ٿي رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.