ويڪسينيٽرن جي هڙتال، ڪراچي ۾ 22 هين ڏينهن به احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتاءَ لاءِِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 22 هين ڏينهن به بک هڙتال ڪئمپ قائم ٿيل آهي، ان موقعي ويڪسينيٽر اڳواڻ مولابخش چانڊيو،خدا بخش قريشي،غياث الدين، نثار منگي،الله بخش سنگراسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جيستائين مسئلا حل نٿي ڪري تحريڪ جاري رهندي ۽ سنڌ حڪومت کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته هاڻي اسان کي هنن جي ڳالهين تي ڪو به اعتبار ناهي رهيو ۽ هاڻي مطالبا ليٽر ذريعي حل ٿيندا ته اسان احتجاج ختم ڪنداسين، انتظاميا 3 ڀيرا مسئلا ڪرڻ جي خاطرائي ڪري ڦري وئي آهي،هنن چيو ته اسان جي احتجاج جي تحري ان وقت ختم ٿيندي جنهن ڏينهن انتظاميا پاڻ ڪئمپ تي جي مطالبن جو نوٽيس جاري ڪري ڪئمپ تي ايندي،هنن چيو ته اسان پنهنجي جائز مسئلن جي لاءِ ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون ۽ هتان هٿي خالي واپس ڪنهن به صورت ۾ نه وينداسين،هنن چيو ته اسان جا مطالبا برطرف ملازمن جي بحالي،ٽائيم اسڪيل ۽ اپگريڊيشن آهن ، ان موقعي تي لياقت علي، آزاد، مير حسن گجو،مبارڪ علي، محمد حسن جٽ به بک هڙتالي ڪئمپ تي موجود هئا،

  • هڙتال سبب ويڪسين مهم غيرتربيت ڏهاڙيدارن حوالي!

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ ويڪسينٽرن جي هڙتال سبب ارڙي ۽ روبيلا مهم مناسب طريقي سان نه هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ خبرن مطابق حڪومت ويڪسينيٽرن جي هڙتال سبب ڏهاڙي تي ماڻهو رکي اها مهم شروع ڪئي آهي جنهن ۾ ڄاڻ ۽ مناسب تربيت نه هئڻ سبب ٻارڙن جي حياتي جي حوالي سان والدين ۾ خدشا پيدا ٿي ويا آهن، سوشل ميڊيا ذريعن موجب  ڏهاڙي  تي کنيل اسڪل پرسن لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ڪنب ۾ هڪ ڏهاريدار پاران ويڪسين هڻڻ جي طريقي جي تصوير ۽ فارم ڀرڻ ۾ غلطين جا انبار نظر اچي رهيا آهن، شهرين سنڌ حڪومت کي اپيل  ڪئي آھي ته خدارا ويڪسينيٽرس کان ڪم ڪرايو ته جيئن معصوم ٻارن جون حياتيون محفوظ رهن ائين نه ٿئي جو اها لاپرواهي سان ڪيل وئڪسين ٻارن لاءِ  رحمت بجاء زحمت بڻجي وڃي۔

  • پنوعاقل لڳ معصوم ٻار ارڙي جي ويڪسين لڳڻ بعد  فوت

پنوعاقل(ن ع آ) پني عاقل ڀرسان ڳوٺ نوراجا جي پورھيت حماد الله  ڀٽو جي پٽ محمد يامين عمر 3 سال کي ارڙي جي انجيڪشن لڳڻ ڪري معصوم ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،چيو وڃي ٿو ته معصوم ٻالڪ يامين کي تعلقه اسپتال ۾ ارڙي جي انجيڪشن لڳائڻ لاءِ جيئن ئي سندس والد پھتو ته نينگر کي بغير ڪنھن کائڻ پئيڻ جي شيءِ کانسواءِ انجيڪشن لڳائي وئي،جنھن جي ري ايڪشن ۾ ٻارڙي کي سخت بخار اچڻ بعد ٽن ڪلاڪن جي اندر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،جنھن بعد ڀٽا برادري جي ماڻھون جي احتجاج کانپوءِ تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر صلاح الدين اڄڻ ٻالڪ جي وارثن کي ڳوٺ ميڙ کڻي اچڻ لاءِ  چئي مامري کي لئي مٽي ڪيو ويو .

  • خيرپور،سکر ۽ گهوٽڪي ۾ روبيلا ۽ ارڙي مهم جو هدف مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ

سکر( رپورٽر) رُبيلا ۽ اُرڙي کان بچاءَ بابت حفاظتي ٽُڪن واري مهم دوران خيرپور ۾ 101 سيڪڙو، گهوٽڪي ۾ 109سيڪڙو ۽ سکر ۾ 110 سيڪڙو مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ڪيو ويو. 9 مهينن کان 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳايا ويا. مهم 15 کان 27 نومبر تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سکر ڊاڪٽر جميل احمد مهر ٻڌايو ته سکر ضلعي ۾ حفاظتي ويڪسين ٽيمن کي 53482 ٻارن جنهن مان 58725 ٻارن جو هدف حاصل ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.