جلالپور ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو ٺاهڻ انتهائي ڀيانڪ ٿيندو:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏيڍ صديءَ کان وٺي پنجاب جي حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن جو سلسلو جاري رکيو آهي. پنجاب ۾ جلالپور ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو جي تعمير سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. وفاق گذريل 75 سالن کان وٺي سنڌ کي پنهنجي فتح ڪيل ڪالوني وانگر هلائي رهيو آهي. سنڌ جي پاڻي، ناڻي، تيل، ڪوئلي، گئس ۽ حق حڪمراني تي قبضو آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري لکين ايڪڙ زمينن کي بنجر بڻايو ويو آهي، ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، جيڪو سلسلو تيزي سان هلندڙ آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته بندوق جي زور تي جلالپور ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ٽو ٺاهڻ انتهائي ڀيانڪ ٿيندو. پنجاب جو حڪمران طبقو سنڌ جي عوام کي ديوار سان لڳائي ملڪ ۾ ٻيهر 71ع جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم، ڪئنال يا ڪٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو. ٻي طرف عوامي تحريڪ جي اڳواڻن معصوم شاگرد ڪانها ڪمار سان جنسي ڏاڍائي ڪري کيس قتل ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ قائم ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.