ميونسپل ڪارپوريشن سکر جا اڪائونٽ سيل ڪرڻ جو حڪم

سکر(رپورٽر) ميونسپل ڪارپوريشن پاران پينشن نه ڏيڻ خلاف ملازمه اميران ڀٽي پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي جي عدالتي ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار کي پينشن جي رقم نه پئي ڏني وڃي جنهن سبب هن مهانگائي واري دور ۾ سندس ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ڏنل 1 لک رپين جو چيڪ به ڪيش ناهي ٿي رهيو، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته درخواستگذار کي پينشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، هوڏانهن ميونسپل عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ملازمه کي 1 لک روپين جو چيڪ ڏنو آهي ۽ رهيل 3 لک 44 هزار پڻ ڏنا ويندا، عدالت ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ميونسپل انتظاميه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ملازمه کي پينشن نه ڏيڻ تائين ميونسپل ڪارپوريشن جا سمورا اڪائونٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.