پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي؟ عوام راءِ ڏئي ڇڏي

 

پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي؟ تازي سروي ۾ عوام راءِ ڏئي ڇڏي.

ريسرچ ڪمپني اپسوس پاڪستاني عوام جي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪئي آهي، جنهن موجب 43 سيڪڙو پاڪستاني وڌندڙ مهانگائيءَ سبب پريشان آهن، جڏهن ته 14 سيڪڙو پاڪستانين بيروزگاري کي سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو.

سروي موجب 12 سيڪڙو پاڪستانين چيو ته غربت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، 87 سيڪڙو پاڪستانين چيو ته ملڪ سڌي رستي ڏانهن نه پيو وڃي، جڏهن ته 13 سيڪڙو جي نظر ۾ ملڪ سڌي رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي.

عوام جي اڪثريت معاشي صورتحال ۾ بهتري جي دعويٰ به رد ڪري ڇڏي، 46 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته معيشت ڪمزور آهي، جڏهن ته رڳو 5 سيڪڙو عوام معيشت کي مضبوط سمجهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.