هزارين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندڙ عمارتون

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) هڪ آمريڪي ڪمپني اهڙين ماحول دوست عمارتن جي ڊزائين پيش ڪئي آهي جيڪي هوا مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري هوائي گدلاڻ کي گھٽ ڪنديون.

”اسڪڊ مور، اوئنگ اينڊ ميرل“ (ايس او ايم) نالي تعميراتي اداري پنهنجي ان منصوبي کي ”اربن سيڪوئيا“ جو نالو ڏنو آهي.

سيڪوئيا حقيقت ۾ ڪيليفورنيا ۾ ريڊ ووڊ قسم جي هڪ وڏي وڻ جو نالو آهي جنهن جي مناسبت سان ان منصوبي جو نالو اهورکيو ويو آهي.

اهي وڏي ايراضي تي پکڙيل ڊگھين ڊگهين عمارتن جو منصوبو آهي جن کي هڪ خاص انداز ۾، اهڙي طرح تعمير ڪيو ويندو جو ماڻهن کي رهائش فراهم ڪرڻ کان سواءِ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪرندڙ ٽاوورن جو به ڪم ڪنديون.

اهڙي هر عمارت ۾ هونئن ته هر منزل تي ٻوٽا رکيا ويندا پر گڏوگڏ ڪجهه منزلن کان پوءِ هڪ منزل ننڍن وڻن لاءِ وقف هوندي.

ان کانسواءِ هر ٻن منزلن وچ ۾ خاص جاءِ رکي ويندي جنهن ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿي ڪري فلٽريشن سسٽم مان گذرندي ۽ خاص پائيپن مان ٿيندي وڻن ۽ ٻوٽن واري حصي تائين پهچائي ويندي.

ايس او ايم موجب اهو منصوبو هزارن ماڻهن کي رهائش فراهم ڪرڻ کان سواءِ سڄي سال ۾ 1000 ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ به جذب ڪري سگھندو.

اها لڳ ڀڳ ايتري ئي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ آهي جيتري 48،500 وڻ گڏيل طور تي هڪ سال ۾ جذب ڪندا آهن.

واضح رهي ته دنيا ۾ 40 سيڪڙو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج تعميري صنعتن مان ٿيندو آهي جنهن کي گھٽائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون جاري آهن.

اربن سيڪوئيا جو منصوبو به انهيءَ ڪو شش مان هڪ آهي جنهن جو مقصد نه رڳو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج ختم ڪرڻ آهٿي پر ان اهم گرين هائوس گيس ۾ گھٽتائي ڪرڻ به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.