دنيا جو تيز ترين اليڪٽرڪ جهاز تيار ڪرڻ جي دعويٰ

برطانيا جي ايرو انجڻ ڪمپني رولز رائس دنيا جو تيز ترين اليڪٽرڪ جهاز تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

رولز رائس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ان جهاز کي اسپرٽ آف انوويشن جو نالو ڏنو ويو آهي.

بيان موجب ان جهاز 387.4 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اهو دنيا جي تيز ترين سواري آهي.

ڪمپني موجب 16 نومبر تي ٽيسٽ اڏام دوران ان جهاز گڏيل طور تي 3 رڪارڊ ٺاهيا جنهن ۾ 345.4 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان 1.86 ميل جو رستو طئي ڪرڻ شامل آهي.

ان جهاز 300 ميل في ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار سان برطانيا جي دفاع واري وزارت جي فوجي ٽيسٽنگ سائيٽ تي 9.32 ميل جو سفر ڪيو، جيڪو اڳوڻي رڪارڊ کان 182 ميل في ڪلاڪ وڌيڪ آهي.

انهن انگن اکرن کي عالمي گورننگ باڊي فيڊريشن ايروناٽيڪل انٽرنيشنل (ايف آءِ اي) وٽ تصديق لاءِ جمع ڪرايو ويو آهي.

اهو جهاز 400 ڪلوواٽ اليڪٽرڪ پاور ٽرين جي مدد سان اڏامي ٿو جڏهن ته سڀ کان بهترين پاور بيٽري پيڪ کي به ان لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.

The aircraft uses a 400kW electric powertrain, and the most power-dense propulsion battery pack ever constructed in aerospace, according to Rolls-Royce.

رولز رائس جي فلائيٽ آپريشن ڊائريڪٽر جهاز کي ٽيسٽ اڏام تي اڏايو ، سندس چوڻ هو ته اهو سندس ڪيريئر جو اهم ترين لمحو هو.
ڪمپني جي سي اي او وارن ايسٽ جو چوڻ هو ته دنيا جي تيز ترين اليڪٽرڪ جهاز جو رڪارڊ هڪ زبردستي ڪاميابي آهي.

برطانيا جي بزنس سيڪريٽري ڪواسي ڪوارٽنگ چيو ته اهو جهاز برقي اڏام جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهڙين ٽيڪنالوجيز کي ان لاڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو جن کي اسان روزمرهه جي زندگي جو حصو بڻائي سگھنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.