سنڌ ۾ وڌيڪ مهانگائيءَ تي ڳڻتي آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڌيڪ مهانگائيءَ تي ڳڻتي آهي.

وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف اڳواڻ غوث علي شاهه ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر پڻ شريڪ هو.

ملاقات ۾ غوث علي شاهه، وزيراعظم کي سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سنڌ، خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيڪ آهن، جنهن تي ڳڻتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.