ورلڊ ڪپ ۾ بدترين شڪست، ڀارتي رانديگرن جي حرام کاڌن تي پابندي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تازو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين شڪست کائيندڙ ڀارتي ٽيم جي رانديگرن تي کاڌن جي حوالي سان پابندين جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ رانديگرن لاءِ هڪ ڊائٽ پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رانديگرن کي صحتمند ۽ فٽ رکڻ لاءِ سوئر ۽ بيف کائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو رانديگر گوشت کائڻ چاهي ٿو ته ان کي رڳو سرٽيفائيڊ حلال گوشت کائڻ جي اجازت آهي.

واضح رهي ته ڀارتي ٽيم پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل مرحلي ۾ پهچڻ کان اڳ ئي آئوٽ ٿي وئي هئي.

ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انتظاميا رانديگرن جي فٽنيس تي ڪو سمجهوتو نٿي چاهي، جنهن سبب نئون ڊائٽ پلان تيار ڪندي رانديگرن جي کاڌن تي پابندي هنئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.