سيلفي جو شوقينن کي هي نئون سمارٽ فون ضرور پسندو ايندو

اوپو رينو 7 سيريز جي فونز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪمپني موجب ان مشهور سيريز جا نوان سمارٽ فونز 25 ڊسمبر تي متعارف ڪرايا ويندا.

اوپو فون جي خاص ڳالهه ان جي سيلفي ڪيمرا کي قرار ڏنو آهي.

ڪمپني موجب اهو دنيا جو پهريون سمارٽ فون آهي جنهن ۾ سيلفي ڪيمرا لاءِ سون جو آءِ ايم ايڪس 709 سينسر استعمال ڪيو پيو وڃي.

ڪمپني طرفان چيني سوشل ميڊيا سائيٽ ويبو تي هڪ ٽيزر وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته سون جو اهو سينسر گھڻي گھٽ روشني ۾ به زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو  ڪري ٿو.

اوپو ٻڌايو ته رينو 6 پرو جي ڀيٽ ۾ ان سينسر ۾ روشني جي حوالي سان حساسيت ۾ 60 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته 35 سيڪڙو نوائز رڊڪشن ڪئي وئي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سون آءِ ايم ايڪس 709 رينو 7 ۽ 7 پرو جي فرنٽ ڪيمرائن ۾ هوندي پر رينو 7 ايس اي  بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو.

اوپو اهو به ٻڌايو ته رينو 7 پرو ۾ ڪيمرا سيٽ اپ جي چوڌاري هڪ پلسٽنگ لائيٽ به هوندي جيڪا نوٽيفڪيشنز  جو الرٽ جاري ڪندي.

پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته لائيٽ رڳو پرو ماڊل ۾ هوندي يا ٽنهي فونز ۾ ان کي ڏنو ويندو.

رينو 7 ۽ 7 پرو تقريبن هڪ جهڙا فون هوندا جن ۾ 6.5 انچن جي او ايل اي ڊي ڊسپلي ڏني ويندي پر اسٽينڊرڊ ماڊل ۾ 90 هرٽز جڏهن ته پرو ماڊل ۾ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.

ٻنهي ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني ويندي.

رينو 7 ۾ ميڊيا ٽِڪ جو ڊيمينسٽي 1200 جڏهن ته رينو 7 پرو ۾ سنيپ ڊراگون 888 پراسيسر موجود هوندو جڏهن ته 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي تائين اسٽوريج جا آپشن دستياب هوندا.

ٻنهي جو ڪيمرا سيٽ اپ مختلف هوندو، رينو 7 ۾ سون جو تيار ڪيل 50 ميگا پڪسل مين ڪميرا سان گڏ 16 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسگ ڪيمرائون موجود هونديون.

پرو ماڊل ۾ سام سنگ جي تيار ڪيل 50 ميگا پڪسل مين ڪيمرا هوندي جنهن سان گڏ 64 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ۽ 13 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا ڏنيون وينديون.

ان جي ڀيٽ رينو 7 ايس اي ۾ 6.43 انچن جي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ڊسپلي ڏني ويندي.

فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 920 پراسيسر هوندو جنهن سان گڏ 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج ڏني ويندي.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا هوندي جڏهن ته بيڪ تي 64 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪيمرا موجود هوندي.

رينو 7 ايس اي ۾ 4300 ايم اي ايڇ بيٽري 65 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ليس هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.